ڪشمور(ن ع آ) ڪشمور ضلعي جي ڪچي وارن علائقن ۾ ھلندڙ پوليس آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ڪشمور پھتو، اي ايس پي آفيس ڪشمور ۾ ايس ايس پي ڪشمور سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ امن امان جي صورتحال تمام بهتر ٿي آهي ڪراچي واسي نوجوان يومان ڪشمور ضلعي مان اغوا ناهي ٿيو بازيابي لاءِ پوليس ڪوششون وٺي رهي آهي، ڏوهارين لاءِ سرينڊر ڪرڻ جو آپشن آهي ٻي صورت پوليس جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪري ورتي آهي ڪچي ۾ آپريشن تيز ڪيو ويندو ۽ ڏوهارين جو مڪمل خاتمو آندو ويندو، ضلعي ۾ ڪچي جي ڏوهارين خلاف ھلندڙ پوليس آپريشن ۾ ڪاميابي ملي آهي اغوا جون وارداتون گھٽجي ويون آهن اسٽريٽ ڪرائيم ملوث ڏوهارين کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو، ضلعي ۾ مختلف ڏوهارين جي گينگس خلاف پوليس جون ڪارروايون ٿيڻ بعد ڪافي ڏوهارين سرينڊر ڪيو آهي، ڪشمور جي اقليتي برادري کان ٿيل ڦر جي وارداتن جو نوٽس ورتو آهي ڪشمور پوليس جلد جوابدار گرفتار ڪري ٿيل ڦر ريڪور ڪرائي ويندي.