اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ مان وفاقي آئيني عدالت ڏانهن ڪيسن جي منتقلي جو سلسلو جاري آهي ۽ 22 هزار کان وڌيڪ ڪيس آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪيا ويا، ذريعن موجب آرٽيڪل 184/3 جا ڪيس ۽ نظرثاني جون درخواستون آئيني عدالت کي منتقل ڪيون ويون آهن، ان سان گڏوگڏ آرٽيڪل 199 تحت هاءِ ڪورٽن جي فيصلن خلاف داخل ڪيل اپيلون پڻ آئيني عدالت ڏانهن موڪليون ويون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيني عدالت ڏانهن منتقل ٿيندڙ ڪيسن جو انگ 25 هزار کان به وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 56 هزار کان وڌيڪ ڪيس زيرِ التوا آهن، ٻئي پاسي وفاقي آئيني عدالت سپريم ڪورٽ رولز 2025 کي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي صدارت ۾ فل ڪورٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آئيني عدالت جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر لاءِ سپريم ڪورٽ رولز 2025 کي اختيار ڪيو ويندو. فل ڪورٽ فيصلو ڪيو ته وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي گهٽ کان گهٽ ٻه رڪني بينچ ڪندي، ٻه رڪني بينچ جي فيصلي خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي گهٽ ۾ گهٽ ٽي رڪني بينچ ڪندي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جا وڪيل آئيني عدالت ۾ پيش ٿيڻ جا اهل هوندا.