جعلي حڪومت عدليه جي رهيل آزادي به ختم ڪري ڇڏي:ڪاشف سعيد

ڪراچي/ لاڙڪاڻو (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته 27هين ترميم 1973ع جي آئين جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي، نام نهاد فارم 47 جي پيداوار جعلي حڪومت عدليه جي رهيل آزادي به ختم ڪري ڇڏي، صوبائي خودمختياري رول بيڪ، سول بالادستي جو خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ جمهوريت جو جنازو ڪڍڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏهٽي ۽ ناٺي سندن ميراث کي بوٽن هيٺان لتاڙي جمهوريت، آئين ۽ دستور کي دفن ڪري ڇڏيو، عوام کي طاقت جو سرچشمو چوڻ واري جماعت پنهنجي عمل مان ثابت ڪيو آهي ته اُهي طاقت جو سرچشمو صرف اسٽيبلشمينٽ کي سمجھن ٿا، لاڙڪاڻي ۾ ضلعي ذميوارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته سمورو ملڪ هڪ فرد جي قبضِي ۾ ڏنو ويو آهي، هر اداري ايسيتائين جو اعلى  عدليه  کي به بي وس بڻايو ويو آهي، 27 هين آئيني ترميم دراصل پاڪستان ۾ بادشاهي جي شروعات آهي، جنهن کي پاڪستان جو هر باشعور شهري مڪمل طور تي رد ڪري ٿو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.