ايندڙ سال تيز برساتون پونديون، سخت قدم کنيا وڃن: مصدق ملڪ

اسلام آباد (بيورو) موسيماتي تبديلي بابت وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ايندڙ سال برساتون شديد هونديون،  مصدق ملڪ ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته 2026 ۾ موسمي برسات 20 کان 26 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿي، هن ٻڌايو ته ايندڙ 200 ڏينهن ۾ مضبوط قدمن جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ٻوڏن دوران جاني نقصان کان بچاءُ سياسي حڪمت عملي جو محور هجڻ گهرجي، هن سال ٻوڏ سبب 31 لک ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ موجوده نڪاسي نظام موجوده موسمي شدت کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ان سلسلي ۾ 5 سالن ۾ موسمياتي مطابقت واري انفراسٽرڪچر تيار ڪرڻ جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.