اسلام آباد (بيورو) پختونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني بحال ڪئي وڃي، هڪ نئون سماجي معاهدو ڪيو وڃي جنهن تي سڀ سياسي پارٽيون صحيحون ڪن، مان ضمانت ڏيان ٿو ته عمران خان ڪنهن خلاف به ڪارروائي نه ڪندو، عمران خان جي ڀينرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محمود اچڪزئي چيو ته ملڪ ۾ اها غلط فهمي پکيڙي وئي آهي ته هڪ ماڻهو باغي آهي، ان کي ٽوڙڻو آهي، جڏهن ته هي 25 ڪروڙ ماڻهن جي جدوجهد آهي، هن چيو ته زر ۽ زور جي بنياد تي حڪومت ورتي وئي، ماڻهن جي گهرن ۾ گهڙي بي عزتي ڪئي وئي، جيڪو وڏو ڏوهه آهي، هن چيو ته ظالم حڪمران جي اڳيان بيهڻ جهاد آهي، اسان مطمئن آهيون ڇو ته الله مظلومن سان آهي، ڪنهن جي طاقت فرعون کان به وڌيڪ نٿي ٿي سگهي، سڀ کان ڪڏهن نه ڪڏهن سوال ٿيندو، محمود اچڪزئي چيو ته 9 هزار ڪيسز معاف ڪرائڻ کان پوءِ به ڪم جاري آهي، اسان علمِ بغاوت بلند ڪيو آهي، هن ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني ٿيندي، ادارا پنهنجو پنهنجو ڪم ڪندا، اسان جو ڪنهن جنرل، شريف يا زرداري سان ڪو ذاتي اختلاف ناهي، هڪ بهتر سماجي معاهدو ڪيو وڃي، پاڪستان کي هلايو وڃي، اسان کي حڪمران نه بڻايو، رڳو اسان کي آئين واپس ڏيو.