صوابي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ مان استعفيٰ ڏيندڙ ججز کي اڳتي اچي اسان جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي، ۽ سڄي قوم انهن سان گڏ هوندي.صوابي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد قيصر چيو ته سپريم ڪورٽ جي جن ججن قرباني ڏئي استعفيٰ ڏني آهي، اهي قوم جا هيرو آهن. اسان اميد رکون ٿا ته اهي اڳتي اچي تحريڪ جي اڳواڻ ڪن سڄي قوم انهن سان گڏ هوندي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اڊيالا جيل جي سامهون پي ٽي آءِ جي ڀينرن تي تشدد جي مذمت ڪندي چيو ته ان سان حڪومت جو جيڪو فاشسٽ روپ ۽ رويو ظاهر ٿيو آهي.اسد قيصر چيو ته جنهن پيپلز پارٽي ملڪ کي 1973 جي آئين جو تحفو ڏنو هو، اڄ ان ئي ان جو خاتمو ڪيو آهي ۽ جنهن پارٽي ووٽ کو عزت ڏيو جو نعرو لڳايو هو، اڄ ان ئي ووٽ کي سڀ کان وڌيڪ بي توقير ڪيو آهي .