واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا سعودي عرب کي پنهنجو اهم نان نيٽو اتحادي قرارڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ سعودي ولي عهد جي اعزاز ۾ ڏنل سانجهاندي دوران اعلان ڪيو ته آمريڪا ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪ اهم اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تي باضابطه طور تي صحيحون ٿي چڪيون آهن. صدر ٽرمپ جي مطابق، هن معاهدي کانپوءِ سعودي عرب اڳ کان وڌيڪ محفوظ ٿي ويو آهي. سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي .صدر ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ ٻڌايو ته سعودي عرب آمريڪا جو "اهم نان نيٽو اتحادي” آهي. هن چيو ته ان قدم سان نه صرف علائقي ۾ طاقت جي توازن کي مضبوط ڪيو ويندو .ڊونلڊ ٽرمپ ايران بابت پڻ ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته علائقي ۾ بدلجندڙ صورتحال کي ڏسي ايران وٽ ڪو ٻيو رستو ناهي بچندو سواءِ ان جي جو هو آمريڪا سان نوان معاهدا ڪري. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڀارت جو پاڪستان سان ٻيهر جنگ ڪرڻ جو ارادو هو، جنهن کي وقت تي مداخلت ڪري روڪي ڇڏيو. هن چيو ته مان نه رڳو پاڪ – ڀارت جنگ روڪرائي پر اها جنگ به روڪرائي، جيڪا ٻيهر ٿيڻ واري هئي، مون کي 8 جنگيون روڪرائڻ تي فخر آهي. سندس چوڻ هو ته مان هڪ ٻي جنگ به روڪرائي وڃان ها پر روسي صدر جنگ روڪڻ ۾ وڌيڪ وقت وٺي رهيو آهي.