راولپنڊي (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته ڪم محنت سان ٿيندو آهي، جادو ٽوڻي سان نه، ڪجهه ماڻهن پنهنجي سياست جا ڪيترائي سال ضايع ڪيا پر ڪم نه ڪيو، انهن جو نالو وٺو ته بدتميزي جو خيال اچي ٿو، راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته راولپنڊي ۾ صفائي ۽ سٿرائي جو نظام ڏسي خوشي ٿي، هتي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، عوام کي بهترين ٽرانسپورٽ سهولتون ڏنيون پيون وڃن، جڏهن به مسلم ليگ ن جي حڪومت اچي ٿي ته ملڪ ترقي ڪندو آهي، ن ليگ ملڪ کي ميگا منصوبا ڏنا، ن ليگ جو نالو اچڻ سان ذهن ۾ موٽروي ۽ ترقي ياد اچي ٿي، مخالف به ن ليگ جي خدمتن جو اعتراف ڪندا آهن، بس جو ڪرايو 20 رپين کان وڌيڪ نه آهي، نون گهرن جي تعمير جو هدف جلد پورو ڪيو ويندو، صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، مريم نواز چيو ته حڪومت اسموگ جي خاتمي لاءِ متحرڪ آهي، قدمن سان اسموگ تي ضابطو آندو ويو آهي، اسان جو ڪم نظر اچي رهيو آهي.