پاڪستان جنگ ۾ ڀارت خلاف فوجي سرسي حاصل ڪئي، چين هٿيار آزمايا\آمريڪي ڪانگريس

 واشنگٽن (ع آ نيوز) آمريڪي ڪانگريس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هلندڙ سال مئي ۾ ڀارت خلاف جنگ ۾ فوجي سرسي حاصل ڪئي، جنهن ۾ چين پنهنجي دفاعي نظام کي آزمايو. رپورٽ موجب چين 2024 ۽ 2025 ۾ پاڪستان سان فوجي سهڪار وڌايو، ڀارت سان چڪرين دوران پاڪستان جي چيني هٿيارن سان ڪارڪردگي اڳتي رهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو چيني هٿيارن جي مدد سان ڀارت جي فرانسيسي رافيل جهازن کي نشانو بڻائڻ چيني هٿيارن جي وڪري لاءِ اثرائتو دليل بڻجي ويو آهي.رپورٽ موجب اهو پهريون موقعو هو جو چين جا جديد هٿيار HQ-9 ميزائل ڊفينس سسٽم، PL-15 ايئر ٽو ايئر ميزائل ۽ J-10 ويڙهاڪ جهاز سڌي ريت جنگ ۾ استعمال ٿيا، جيڪو چين لاءِ عملي ميدان ۾ هڪ وڏو تجربو ثابت ٿيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چين جون 2025 ۾ پاڪستان کي J-35 جديد ويڙهاڪ جهاز، KJ-500 ايئر ڪرافٽ ۽ بيلسٽڪ ميزائل ڊفينس سسٽم وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان ئي مهيني پاڪستان دفاعي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو، جنهن سان مجموعي بجيٽ ۾ گهٽتائي باوجود دفاعي خرچ 9 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چين جون 2025 ۾ پاڪستان کي J-35 جديد جنگي جهاز، KJ-500 ايرڪرافٽ ۽ بيلسٽڪ ميزائل دفاعي سسٽم وڪڻڻ جي منظوري ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.