جيڪب آباد ۾ مڙس تشدد ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد (ڊسٽرڪٽ رپورٽر)جيڪب آباد مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ نوازو جاگير ۾ نوجوان مڙس راشد علي گورشاڻي پنهنجي گهرواري حسنا گورشاڻي کي تشدد بعد قتل ڪري فرار ٿي ويو. پوليس لاش سول اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو. مقتولا جي ماءُ حبيبان جکراڻي الزام هنيو ته سندس ڌيءَ کي مڙس قتل ڪيو، سندن شادي 5 مهينا اڳ ٿي هئي، ايس ايس پي نوٽيس وٺي. پوليس موجب، جوابدار لاش پاڻي جي دٻي ۾ ڦٽو ڪيو ته جيئن موت قدرتي لڳي. گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ڪيس داخل نه ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.