واشنگٽن (م ڊ) سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات لاءِ وائٽ هائوس پهتو، جتي ٽرمپ پاڻ ٻاهر نڪري آجيان ڪئي. اوول آفيس ۾ ملاقات دوران ٻنهي ملڪن ۾ دفاعي سهڪار، جديد هٿيارن جي خريداري، سول نيوڪليئر انرجي ۽ آمريڪي مصنوعي ذهانت ۾ سعودي سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو به موجود هو. 600 ارب ڊالرن جي سعودي سيڙپڪاري پيڪيج تحت معاهدا ٿيندا، جڏهن ته آمريڪا سعودي عرب کي ايف-35 جهاز وڪرو ڪرڻ لاءِ به تيار آهي. سعودي عرب آمريڪا کان باقاعده سيڪيورٽي گارنٽي گهري رهيو آهي. هي ولي عهد جو 2018ع ۾ خاشقجي قتل کانپوءِ پهريون آمريڪي دورو آهي.