لاهور (بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي انتظام هيٺ پاڪستان وڪلا ايڪشن ڪميٽي جي اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي. پڌرائي موجب ايڪشن ڪميٽي سڄي ملڪ جي وڪيلن کان آئيني عدالت جي بائڪاٽ جو مطالبو ڪيو ۽ وفاقي آئيني عدالت کي رد ڪيو. ڪميٽي موجب، سپريم ڪورٽ جي موجودگي ۾ ڪنهن آئيني عدالت جي ضرورت ناهي جيڪو ان غير آئيني اداري جو حصو بڻجندو، اهو آئين، عدليا ۽ عوام جو مخالف سمجهيو ويندو. ڪميٽي 26هين ۽ 27هين ترميم کي رد ڪيو ۽ چيو ته موجوده ترميمون آئين جي بنيادي ڍانچي تي غير آئيني حملو آهن. ڪميٽي موجب، ترميمون بنا ڪنهن جائز عوامي مينڊيٽ ۽ بنا عوامي تائيد جي ڪيون ويون، بار اسوسي ايشنون هر خميس تي جنرل هائوس اجلاس ڪن ۽ ريليون ڪڍن. آل پاڪستان وڪلا ايڪشن ڪميٽي ڪنوينشن ڪرائڻ لاءِ بار ايسوسي ايشنن سان سهڪار ڪندي.