اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مخالف ڌر اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران 27هين آئيني ترميم خلاف اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو ويو. مخالف ڌر اتحاد پارليامينٽ هائوس کان مارچ ڪندي سپريم ڪورٽ تائين احتجاجي مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو.احتجاج ۾ بيرسٽر گوهر، اسد قيصر ۽ محمود خان اچڪزئي سميت مخالف ڌر اڳواڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي علامه راجا ناصر عباس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته متفقه آئين کي تڪراري بڻايو ويو آهي، آئين جي روح جي خلاف ڪا به قانون سازي قبول نه ڪئي ويندي. جمعي تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو۔