اسلام آباد(منيب فاروق+آصف بشير چوڌري)28هين آئيني ترميم ايندڙ سال بجيٽ کان اڳ اچڻ واري آهي،ان دوران ڪجهه ڏيتي ليتي،بارگيننگ ۽ ڪجهه ڳالهيون ڪيون وينديون،ان ترميم ۾ اين ايف سي ۽ بجيٽ سان لاڳاپيل معاملا شامل هوندا،پ پ رڳو ڏيکاءُ خاطر واڪ آئوٽ ڪندي،امڪاني ترميم کان بغير نظام نٿو هلي سگهي،طاقتور ترين پنهنجي ڳالهه مڃرائي وٺندا، ،جڏهن ته 6 مهينن ۾ اسٽيبلشمينٽ جيتري طاقتور ۽ ”مقبول“ ٿي ان کانپوءِ ان جي فيصلن خلاف مزاحمت ٿي ئي نٿي سگهي،شهبازشريف جي ته طبيعت ۾ ئي جهيڙو جهٽو ناهي،شهبازشريف اهو سمجهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه کان بهتر آهي ته توهان سياست ئي نه ڪريو،شهبازشريف جو نظريو اهو آهي ته ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي دوست بڻائي رکڻو آهي پر سياڻا اهو چون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ سان دشمني خراب ۽ دوستي ان کان وڌيڪ خطرناڪ آهي،پر شهبازشريف جو خيال آهي ته جڏهن عاصم منير جهڙو سپهه سالار هجي ته پوءِ ڪڏهن ڪو مسئلو نه ٿيندو،هڪ اعليٰ ترين حڪومتي شخصيت ٻڌايو ته جنرل ته ملڪ ۾ گهڻا آيا پر جنرل عاصم منير جهڙو ڪو به ناهي آيو،عاصم منير ڊبل گيم تي يقين نٿو رکي،هن وزيراعظم جي منصب کي وڏي عزت ڏني آهي،شهبازشريف کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته جنرل عاصم منير سان ٽن سالن دوران ٿوري به تلخي سامهون ناهي آئي،حڪومتي شخصيت وڌيڪ ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ،اسلام آباد يا ٻين هاءِ ڪورٽن مان جيڪي به جج استعيفيٰ ڏيڻ چاهين ٿا ڀلي ڏين،مون وٽ جج جي اميدوارن جي تمام ڊگهي لسٽ پئي آهي،هن چيو ته اسان جي ويڙهه سويلين بالادستي لاءِ ناهي،سول اسپيس گهٽ ٿيڻ تي اسان کي ڪا به پريشاني ناهي،ڀلي اسان جا اختيار محدود ٿين،اسپيس گهٽ هجي پر اسان سڪون سان رهون،هن جو چوڻ هو ته ان پاليسي سان ئي پاڪستان اڳتي وڌندو،ماڻهو ڀلي تنقيد ڪندا رهن،اسان کي پرواهه ناهي،حڪومتي شخصيت اهو به چيو ته بار ڪائونسلون ورهايل آهن،ڪا به تحريڪ نه هلندي،افتخار چوڌري جو وقت ٻيو هو تڏهن سڀ وڪيل گڏ هئا،حڪومتي شخصيت چيو ته پ پ مڃي يا نه مڃي پر28هين ترميم ته ايندي،ان سان بهتر فارمولو طئي ڪيو ويندو،وفاق هن وقت ڪنگال بڻيل آهي،ٻئي پاسي 27هين ترميم کانپوءِ چار وڌيڪ جج استعيفيٰ ڏئي سگهن ٿا جڏهن ته پاڪستان ۾ عملي طور تي چائنا ماڊل اچي ويو آهي،حڪمرانن کي خبر آهي ته ڪير به روڊن تي نه ايندو،جڏهن ته جيستائين ارڙهين ترميم واپس نٿي ٿئي ترميمن جو سلسلو جاري رهندو،صدارتي نظام بدران نوان صوبا ٺاهي وڏين سياسي پارٽين کي محدود ڪرڻ جي رٿابندي ٿي رهي آهي،26۽ 27هين ترميم تي سياسي پارٽين جو اهو موقف هوندو آهي ته وفاقي آئيني عدالت ميثاق جمهوريت ۾ لکيل هو،سوال اهو آهي ته وفاقي آئيني عدالت جو قيام ايترو ضروري هو ته ارڙهين ترميم ۾ ان کي شامل ڇو نه ڪيو ويو؟آرمي ايڪٽ ۾ ترميمون به ڪهڙي پارٽي جو منشور هو؟