27هين ترميم خلاف وڪيل روڊن تي آهن،سنڌ ورهائڻ نه ڏينداسين:عامر وڙائچ

لاڙڪاڻو/شهدادڪوٽ( رپورٽ نعمت مغيري+ثمر ڀٽي) لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن طرفان سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ ناليواري وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ سميت ٻين وڪيل اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو ته 27 هين ترميم آئين ۽ شريعت جي خلاف آهن، جڏهن ته شريعت ۾ هر ماڻهن کي حساب ڏيڻو آهي ڪنهن کي به تاحيات مراعتون ۽ تاحيات مقرر ڪرڻ اهي ڪنهن به طرح تعريف لائق ناهن، هنن ترميمن سان انصاف هاڻي ختم ٿي چڪو آهي ۽ عدالتن کي تالا لڳي چڪا آهن، هاڻي عدالتون صرف نالي ماتر رهجي ويون آهن. هن چيو ته سکر ۾ وڪيل نه پر خانگي ماڻهو هئا جن هنگامو ڪيو، هر ڀيري ڪٿي به ڪا تحريڪ هلندي آهي ته اتي 10 يا 20 سيڪڙو مخالف ۽ انهن جا پنهنجا مفاد هوندا آهن جيڪي پنهنجي مفادن کي ڏسي ان موجب ڪم ڪندا آهن، هن چيو ته صوبن جي ورهاڱي واري معاملي تي وڪيلن سان گڏ عام ماڻهو به گڏجي ويندا ۽ اها صورتحال هن صورتحال کان به وڌيڪ خطرناڪ هوندي ڇاڪاڻ عوام صوبن جي ورهاڱي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا. 27 هين ترميم خلاف لاهور ۽ پشاور ۾ به ريليون نڪتيون آهن ۽ وڪيل ان جي خلاف آهي ۽ تحريڪ شروع ٿي وئي آهي، ٻئي پاسي  عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي پيڪا جهڙا قانون لاڳو  ڪري عام ماڻهو جي آزاد تقرير کان وٺي ميڊيا جي آزادي کي به ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، پر اسان ڪڏهن به 27 ترميم کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين, شهدادڪوٽ ۾ آدماڻي هائوس تي مير ممتاز خان مگسي طرفان ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن  چيو ته 27هين آئيني ترميم خلاف ملڪ جا سڀ وڪيل هڪ صفحي تي بيٺل آهن جيڪي پنهنجي جدوجھد وسيلي 27 هين ترميم کي ختم ڪري ڏيکاريندا، هن  وڌيڪ چيو ته 27 هين ترميم ۾ عدالتن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هڪ خصوصي وفاقي عدالت قائم ڪرڻ، جنهن ۾ حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ وارا جج ڀرتي ڪيا ويندا ۽ انهن کان وري پنهنجي مرضي وارا فيصلا ورتا ويندا ته پوءِ انصاف ڪٿان ملندو؟ عامر نواز وڌيڪ چيو ته سنڌ کي 3 ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي مڪمل طور سازش ٿي چڪي آهي ۽ ٽي صوبا ٺهڻ وڃي رهيا آهن جنهن کان پوءِ ڪراچي سنڌ نه پر اهو هڪ الڳ صوبو هوندو, ان موقعي تي سينيئر وڪيل حسيب جمالي، ايڊوڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊوڪيٽ عمران ڏنڱر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.ٻئي پاسي  عامر وڙائچ قمبر ڊسٽرڪٽ کي خطاب ڪندي چيو ته 27 ترميم ڪڏهن به هن ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.