بندش پيل تنظيم جي عهديدارن جا 23 ارب 40 ڪروڙ رپين جا اثاثا منجمد

لاهور (بيورو) پنجاب حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بندش پيل تنظيم جي عهديدارن جا 23 ارب 40 ڪروڙ رپين جا اثاثا منجمد ڪيا ويا، بندش پيل تنظيم جي 92 بينڪ اڪائونٽن سميت سڀ ڊجيٽل اڪائونٽ جام ڪيا ويا. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز امن امان جي صورتحال تي اجلاس ۾ ڪومبنگ آپريشن مستقل جاري رکڻ جو حڪم ڏنو.  پنجاب حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جي ٺڪاڻن مان جديد هٿيار، گوليون، بلٽ پروف جيڪٽ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو. پنجاب حڪومت وفاقي حڪومت کي ٻين صوبن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي درخواست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل انتها پسند گروپ خلاف ڪارروائي دوران سوشل ميڊيا تي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف 90 فنانسر ۽ 32 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پوليس پابندي مڙهيل انتها پسند گروپ کان هٿيار ۽ بلٽ پروف جيڪٽون هٿ ڪيون ۽ 92 کان وڌيڪ بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا. هن چيو ته پابندي مڙهيل گروپ خلاف داخل ڪيسن ۾ لاهور ۾ 830 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انتها پسند گروپ مذهب جي اوٽ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ 84 سيڪڙو مسجدون رجسٽرڊ ڪيون ويون آهن، ۽ حڪومت ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت جي ذميوار آهي.

  1. سنڌ ۾ هڪ هفتي دوران ٻارن ۾ وڌيڪ 4 ايڇ آءِ وي ڪيس ظاهر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس تيزيءَ سان وڌڻ لڳا آهن، جتي رڳو گذريل هفتي دوران 4 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي آهي.  سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيوٽريشن جي اسڪريننگ دوران 476 ٻارن مان 12 ٻارن جون ٽيسٽون هاڪاري آيون، جن جو تعلق مختلف ضلعن سان آهي. ڪراچي جي وليڪا اسپتال ۾ 18 ۽ سي سي اسپتال ۾ 3 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي سڃاڻپ ٿي آهي، جڏهن ته انڊس اسپتال، نِيپا جي انفيڪشس ڊيزيز اسپتال سميت ٻين مرڪزن مان به نوان ڪيس سامهون آيا آهن. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ننڍن مرڪزن ۾ ڊبليو ايڇ او منظور ٿيل اسڪريننگ ڪِٽس جي کوٽ سبب بروقت تشخيص ۾ ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون. ياد رهي ته هلندڙ سال آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ 29 نوان ايڇ آءِ وي ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

  1. سنڌ ورهائڻ پاڪستان خلاف سازش هوندي:ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر)صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ٽوئيٽ ڪيو آهي ته جنهن  صوبي جي اسيمبلي پاڪستان جي قيام جي بنياد وڌي، ان کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي سازش نه ڪنهن قوم خلاف هوندي ۽ نه ئي ڪنهن جماعت خلاف، بلڪه اها سڌي طرح پاڪستان ۽ نظريي پاڪستان جي خلاف هوندي۔ياد رھي، 3 مارچ 1943ع تي قائد اعظم جي حڪم موجب سنڌ اسيمبلي ئي پهرين اسيمبلي هئي جنهن قراردادِ پاڪستان جي توثيق ڪئي. پوءِ پاڪستان جي قيام واري تحريڪ اهڙو زور ورتو جو آخرڪار پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ هندستان ورهائجي ويو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.