ڪراچي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو نوڪرين لاءِ احتجاج

ڪراچي (رپورٽ: عرفان بلوچ) ڪراچي پريس ڪلب ٻاهر سرڪاري نوڪرين لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 5 کان 15 گريڊ جي اميدوارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ اميدوارن ميرٽ بحالي تحريڪ جي تحت نعريبازي ڪئي.  اميدوارن جو چوڻ هو ته نوڪرين لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت ڏني وڃي، گريڊنگ پاليسي ختم ڪئي وڃي ۽ سال 2023 ۾ پاس اميدوارن کي روزگار مهيا ڪيو وڃي. انهن چيو ته انٽرويو پاليسي مڪمل طور رد ڪئي وڃي، ڇو ته سفارش، رشوت ۽ ذاتي اثر رسوخ جا دروازا کلي وڃن ٿا، جنهن سبب ميرٽ تباهه ٿي رهي آهي. اميدوارن وڌيڪ چيو ته جونيئر ڪلارڪ گريڊ 11 کي گريجوئيشن تي ڪيٽيگري ۾ رکڻ غلط آهي، آءِ بي اي پروسيس تحت گريڊ 11 انٽر ميڊيئٽ ڪيٽيگري ۾ اچي ٿو. انهن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عمر جي حد ۾ رعايت ڏئي آءِ بي اي پاس اميدوارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، جيئن انهن جي بيچيني ختم ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.