عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان21 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ ريلي جو اعلان

مٺي (ڊ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري حسن پسايو هال مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي تهبلاول-شهباز اتحادي سرڪار 27هين ترميم پاس ڪري ڊڪٽيٽرشپ مڙهي ڇڏي آهي، هاڻي 28هين ترميم آڻي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر سنڌي قوم اها سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، پرامن جمهوري جدوجهد جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، حڪومت کي 27هين آئيني ترميم، بورڊ آف انويسٽمينٽ اميڊمينٽ ايڪٽ، پيڪا امينڊمينٽ سميت سمورا ڪارا قانون ختم ڪرڻا پوندا، هن چيو ته اسين ايف آئي آرن کان نٿا ڊڄون، پوليس جعلي ايف آئي آرون ڪري چوي پئي ته 500 احتجاج ڪندڙ هئا جيڪي پوليس جي بروقت ڪاروائي تي سوڙهين گهٽين ۾ ڀڄي ويا، وسند ٿري چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪمدار سنڌ پوليس بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، سنڌياڻي تحريڪ جي بهادر ڀينرن جي وطن جي حفاظت وارن نعرن جي للڪار سان پوليس لٺين ۽ بندوقن سميت ڀڄي وئي، سنڌياڻي تحريڪ پنهنجو پرامن احتجاج ڀرپور نموني سان رڪارڊ ڪرايو ڪو به ماڻهو جيلن ۽ ٿاڻن کان نٿو ڊڄي، هن وڌيڪ چيو ته 27 هين آئيني ترميم، امڪاني 28هين ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، معدني وسيلن تي ڌاڙن، قبيلائي دهشتگردي، ڪارو ڪاري ۽ عورتن جي قتلن خلاف 21 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ هزارين ڀينرن ۽ ڀائرن جو احتجاج ڪيو ويندو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.