اسلام آباد (م ڊ) چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر اينڪر پرسن ۽ سينئر صحافي شاهزيب خانزادا سان بدسلوڪي ۽ هراسان ڪرڻ جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف بئريسٽر گوهر خانگي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ۾ واقعي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان کي افسوسناڪ قرار ڏنو. هن چيو ته اهو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي ته شاهزيب خانزادا کي ان وقت هراسان ڪيو ويو جڏهن هو پنهنجي زال سان پرڏيهه ۾ هو.
-
سنڌ حڪومت چنگچي رڪشن جي روڊن بابت ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ ۾ شهر جي مرڪزي روڊن تي چنگچي رڪشن تي پابندي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي عدالت کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت چنگچي رڪشن جي روٽن جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺاهي آهي. سرڪاري وڪيل ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن مطابق ڪميٽي کي پابندي واري روٽس جو 3 هفتن ۾ جائزو وٺڻو آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته چنگچي رڪشن بابت سڀ معاملا قانوني طريقي سان حل ڪيا ويندا. عدالت نوٽيفڪيشن پيش ٿيڻ بعد چنگچي رڪشن مالڪن جي آئيني درخواست کي اڪلائي ڇڏيو ۽ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته ٽِن هفتن اندر معاملو حل ڪيو وڃي.