ججن جون استعيفائون آئين جي بالادستي وارن لاءِ ڳڻتي جوڳيون آهن\سعد رفيق

لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ملڪ جي ججز جون لڳاتار استعيفائون اچڻ انهن ماڻهن لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي.   جيڪي پاڪستان ۾  آئين، انصاف، قانون ۽ جمهوريت جي بالادستي  جو خواب ڏسن ٿا۔سعد رفيق پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته  جسٽس اطهر من الله۽ جسٽس منصور علي شاهه  سپريم ڪورٽ مان استعيفا ڏئي چڪا آهن، جڏهن ته هاڻ  لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزابه استعيفا ڏئي انهن جي صف ۾ شامل ٿي ويا آهن. هن چيو ته جسٽس اطهر من الله ججز بحالي تحريڪ جي جدوجهد ۾ فرنٽ لائن جا ساٿي رهيا، جج بڻجڻ کان پوءِ ڪڏهن ملاقات نه ٿي، پر منهنجي نظر ۾ هو عدليه جي ٿورن ديانتدار ۽ بي داغ ماڻهن مان هڪ آهي۔اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته جسٽس منصور علي شاهه کي مون  چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ  جي حيثيت ۾ بهترين انداز ۾ ڪم ڪندي ڏٺو، هو ڪنهن به دٻاءَ کي خاطر ۾ آڻڻ کانسواءِ پنهنجو ڪم ڪندو رهيو. مستعفي ٿيندڙ ججن جي ڪجهه فيصلن تي اختلاف باوجود، مان هميشه انهن جي صلاحيت ۽ انصاف پسندي جو قائل رهيو آهيان۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.