اسلام آباد(شڪيل ملڪ)اڳوڻي چيف جسٽس جون ڳجهيون چالون ؟ججن جون اجتماعي استعيفائون ڏيارڻ جي تياري؟خبر موجب هڪ اڳوڻو چيف جسٽس هن وقت تمام سرگرم آهي،هو چاهي ٿو ته 2007 ۾ افتخار چوڌري بحالي واري“ جهڙي تحريڪ ٻيهر اڀاري وڃي هن پاران گذريل 48 ڪلاڪن ۾ موجوده ججز،استعيفيٰ ڏيندڙ ججن سان رابطا ڪري عدليه اندر همدردي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،ذريعن ٻڌايو ته اڳوڻو چيف جسٽس ججن کي ان ڳالهه تي راضي ڪري رهيو آهي ته ” نڪري اچو، گڏجي وڏي تحريڪ شروع ڪريون عوامي دٻاءُ ٺاهي عدالتون بحال ڪرايون وينديون!“؟جڏهن ته حقيقت ۾ اهڙي تحريڪ موجوده ماحول ۾ ناممڪن آهي،2007ع ۾آءِ ايس آءِ جي پٺڀرائي، سياسي پارٽين جي طاقت، ميڊيا جو جذباتي ڪوريج سبب سڀ گڏ هئا جڏهن ته هاڻي نه سياسي پارٽيون موجود آهن نه ميڊيا تي آزادي آهي نه عوام جذباتي حالت ۾ آهي، ٻئي پاسي اسلام آباد ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ مان وڌيڪ ججن جون استيعفائون اچي سگهن ٿيون، اهي نه آيون ته سندن ٽرانسفر جا حڪومتي حڪم هن هفتي جاري ٿي سگهن ٿا،ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن مان هڪ ميمبر استعيفيٰ پيش ڪرڻ وارو آهي،جڏهن ته حڪومت ججز جي استعيفن کي ڀليڪار ڪري رهي آهي.