سنڌ ۾ وڪيلن جو 27هين ترميم خلاف احتجاج، عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ڪراچي/سکر/قمبر/مورو (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڪيلن پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. ڪراچي بار ايسوسيئيشن ضلعي عدالتن ۾ مڪمل هڙتال ڪئي. سنڌ بار ڪائونسل جي فيصلي تحت وڪيلن ٽوڪن عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو. صدر عامر وڙائچ چيو ته سکر ڪنوينشن جي فيصلي موجب 22 نومبر تائين هر روز صبح 11 وڳي علامتي هڙتال جاري رهندي. ڪراچي بار ضلعي ۽ سيشن ججن کي اطلاع ڏئي مناسب انتظامي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. قمبر شهدادڪوٽ ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ضلعي بار ڪائونسل عدالتي ڪارروايون ملتوي ڪري ڇڏيون، جنهن سبب سائل سخت پريشان رهيا. ضلعي بار ڪائونسل جي صدر شفيع محمد کوسي، سهيندر ڪمار ۽ ٻين چيو ته حڪومت پاران پيش ڪيل 27هين ترميم عدالتي بالا دستي ختم ڪرڻ جي سازش آهي ۽ اها ڪنھن صورت قبول نه ڪئي ويندي. موري ۾ بار ايسوسيئيشن طرفان به 27هين ترميم خلاف ڪم بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي بار جي صدر ايڊووڪيٽ قادر ڪورائي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. مظاهري ۾ وڪيلن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ترميم جي مذمت ۽ حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن خلاف داخل ڪيس واپس وٺڻ جا مطالبا ڪيا. وڪيلن چيو ته پُرامن احتجاج هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ عورتن خلاف داخل ڪيس غيرمنصفاڻو ۽ جمهوري حقن جي ڀڃڪڙي آهي. اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪيس واپس نه ڪيا ويا ته ايندڙ ڏينهن ۾ سخت احتجاجي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.  دادو ۾ به سنڌ بار ڪائونسل طرفان احتجاج ڪيو ويو. جوهي، ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ ۾ عدلتي ڪارروائين جو بائڪاٽ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.