حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ فيڪٽري ۾ ڌماڪي ۽ باهه دوران زخمي ٿيل وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي. زخمي شيراز پٽ ثناءُ الله ۽ نعيم پٽ محمد يوسف کي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو جتي ٻنهي زخمن سبب دم ڌڻي ڏنو. سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل وقاص پٽ ارشد به فوت ٿي ويو. ڌماڪي ۾ فيڪٽري جو مالڪ اسد يوسفزئي به سڙي فوت ٿي ويو هو. سڙي فوت ٿيلن ۾ شامل 3 ڄڻن جي به سڃاڻپ ٿي وئي. سول اسپتال طرفان پڌري ٿيل ڊي اين اي رپورٽ ۾ فيڪٽري مالڪ اسد پٽ الياس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي. حيدرآباد پوليس ترجمان موجب، حيدرآباد ۾ 3 ڏينهن اڳ سڙي فوت ٿيلن ۾ فيڪٽري ملڪ اسد يوسفزئي پٽ الياس، فيصل پٽ فاروق ۽ رضوان شامل آهن، جنهن ۾ اسد فيڪٽري جو مالڪ هو. جنهن خلاف گذريل ڏينهن لطيف آباد بي سيڪشن تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو. بي سيڪشن ٿاڻي تي فيڪٽري مالڪ اسد يوسفزئي ۽ سندس چئن ساٿين، راشد خان، دلشاد خان، ارشد ۽ شڪيل خلاف ڪيس داخل آهي. پوليس ڪيس ۾ نامزد شڪيل کي گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو آهي جڏهن ته ٻيا ساٿي اڃا تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا.