پ پ مڪاني نظام تي ڳالهه نه ڪئي ته سنڌ ۾ نئون صوبو بڻجندو: مصطفيٰ ڪمال

 ڪراچي (رپورٽر)  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ  مصطفيٰٰ ڪمال چيو آهي ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي مڪاني نظام سان لاڳاپيل قانون تي ڳالھه نه ڪئي ته نه صرف 18هين ترميم ختم ٿي ويندي، پر سنڌ۾ نئون صوبو پڻ بڻجڻ جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ بهادُرآباد مرڪزي آفيس ۾ انيس قائمخاني، سينيٽر فيصل سبزواري ۽ مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ  ڪمال چيو ته ايندڙ مهينن ۾ مڪاني نظام سان لاڳاپيل ترميم آڻڻ جو عمل شروع ٿي ويندو ۽ ان کي منظور به ڪيو ويندو۔ هن پيپلزپارٽي کي مقامي حڪومتن جي معاملي تي ڳالھائڻ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته جيئن توهان 18هين ترميم جو ڪريڊٽ وٺو ٿا، مڪاني نظام جي ترميم جو ڪريڊٽ پڻ وٺو. مصطفيٰ ڪمال  وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي  27هين ترميم  ۾ ان بل کي شامل ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، پر حڪومت اهو چيو آهي ته ان بل کي ايندڙ ترميم ۾ لازمي طور تي شامل ڪيو ويندو. صحت واري وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ڪراچي هڪ کير ڏيندڙ ڳئون آهي، جيڪڏهن ان کي چارو نه ڏنو ويو ته ڪيئن هلندي؟ هن وڌيڪ چيو ته توهان اين ايف سي ايوارڊ وٺو ٿا، پر پي ايف سيجو ڪو وجود ئي ناهي. مصطفيٰ ڪمال هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي مڪاني نظام سان لاڳاپيل بل تي ڳالھه نه ڪندي، ته نه صرف 18هين ترميم ختم ٿي ويندي، پر سنڌ ۾ نئون صوبو پڻ قائم ٿي ويندو.سيد مصطفيٰٰ  ڪمال چيو ته آرٽيڪل 140A ملڪ جي بقا جو مسئلو آهي، پنجاب اسيمبلي ايم ڪيو ايم جي تجويز ڪيل بل جي حمايت ۾ متفقه قرارداد منظور ڪئي، جنهن تي اسان پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ ميمبرن جا شڪرگذار آهيون. بلوچستان ۾ چونڊيل نمائندا ٽن ٽن ڏينهن ۾ پنهنجي علائقي تائين پهچن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ لوڪل گورنمينٽ کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.