نظام جي تبديلي جون ڳالهيون، پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڳڻتي

لاهور (عمران شفقت) هاڻي آئيني طور تي ڇوٽ وارو معاملو اچي چڪو آهي، ان کانپوءِ عمران خان جو ڊپ ختم ٿي چڪو آهي. گهڻن جو خيال آهي ته هاڻي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي فيلڊ مارشل کان بچندي هلڻو پوندو، احتياط ڪرڻو پوندو. اهو بحث هلي رهيو آهي ته فيلڊ مارشل کي شايد مستقبل ۾ به ڇوٽ جي ضرورت پوي. اهڙو ئي اظهار سهيل وڙائچ پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. سهيل وڙائچ چيو آهي ته جهنگ جي سيهڙ (باخبر صحافين ڏانهن اشارو) کي ايندڙ تبديلين جا اشارا ملي ويا آهن. جهنگ جا ببر شينهن پراڻي نظام مان ڪاوڙيل آهن. هاڻي بنا ڪنهن اعلان جي نظام تبديل ٿي رهيو آهي. چين ۾ جمهوريت کي پٺتي ڪري هڪ ون پارٽي حڪومت قائم آهي، اهڙي ئي ماڊل تي غور ٿي رهيو آهي. سسٽم جون بينيفشري جماعتون، ن ليگ ۽ پ پ ۾ به ڳڻتي وڌي رهي آهي ته هي ڇا ٿي رهيو آهي، وڏا وڏا ماڻهو ان تي پريشان آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.