خواجا آصف جو ويجهو اڳوڻو اي ڊي سي پوليس حراست مان فرار

راولپنڊي (م ڊ)  راولپنڊي ۾ پوليس پوليس اهلڪارن جي لاپرواهي جي ڪري حراست هيٺ   ملزم فرار ٿي ويو، جنهن جي الزام ۾ 3 پوليس اهلڪار گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.سيالڪوٽ جي اڳوڻي ايڊشنل ڪمشنر ريوينيُو، اقبال سگهيڙا خلاف پنجاب جي اينٽي ڪرپشن کاتي طرفان جعل سازي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. چڪري ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب، 12 نومبر تي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ لاهور کان راولپنڊي منتقل ڪيو ويو هو. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته 13 نومبر تي جوابدار کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل منتقل ڪيو وڃي رهيو هو، جڏهن موٽروَي تي ريسٽ ايريا وٽ واش روم استعمال ڪرڻ لاءِ گاڏي روڪي وئي ته جوابدار  جا ساٿي اڳ ۾ ئي اتي موجود هئا. 15 نومبر تي راولپنڊي پوليس عملدارن طرفان جوابدار سان ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار سان رابطو ڪيو ويو، جنهن ٻڌايو ته جوابدار  اقبال سگهيڙا جا ساٿي ريسٽ ايريا کان اُنهن کي پنهنجي گاڏي ۾ کڻي فرار ٿي ويا هئا تھ ان چڪري ۾ داخل ڪيل ڪيس موجب، پوليس آفيسر پنهنجي آفيسرن کي 13 نومبر تي پيش آيل واقعي بابت ٻڌايو ۽ موقف اختيار ڪيو ته هو پاڻ جوابدار جي ڳولا ۾ لڳو رهيو، پر شرمسار ي سبب اُهو واقعي جو اطلاع اعليٰ عملدارن کي نٿو ڏئي سگهيو. پوليس ٽن اهلڪارن خلاف لاپرواهي جو ڪيس درج ڪري، ان بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.راولپنڊي پوليس جا ايس ايس پي آپريشنز ڪاشف ذوالفقار جو چوڻ آهي ته هن واقعي جي هر پهلو کان جاچ ڪئي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته ملزم جي گرفتاري لاءِ ناڪا بندي ۽ مختلف هنڌن تي ڇاپا ماريا پيا وڃن .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.