اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت جي وڌيڪ ٻن ججن حلف کڻي ورتو. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان، جسٽس روزي خان ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه کان حلف ورتو، حلف برداري تقريب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڪانفرنس روم ۾ ٿي. واضح رهي ته جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عامر فاروق، جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا وفاقي آئيني عدالت جي جج طور حلف کڻي چڪا آهن.