ملڪ ۾ 20 پٺتي پيل ضلعن مان بلوچستان جا 17 ضلعا ، ٿر به شامل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ اندر پٺتي پيل 20 ضلعن  مان بلوچستان جا 17 ضلعا شامل آهن جڏهن ته  خيبر پختونخوا جا ٻه ۽ سنڌ جو ٿر ضلعو به شامل آهي. پاڪستان پاپوليشن ڪائونسل ملڪ جي پٺتي پيل ترين ضلعن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق، ملڪ جي 20 پٺتي پيل ضلعن مان 17 بلوچستان ۾ آهن ۽ سڀ کان پٺتي پيل ضلعن ۾ واشڪ، خضدار، ڪوهلو، زوب، ماشڪيل، ڊيرا بگٽي، قلعو سيف الله، قلات شامل آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جھل مگسي، نصيرآباد، آواران، خاران، شيراني ۽ پنجگور به پٺتي پيل ضلعن ۾ شامل آهن. خيبر پختونخوا جو ضلعو ڪوهستان ۽ اتر وزيرستان به پٺتي پيل ترين ضلعن ۾ شامل آهي. ان کانسواءِ سنڌ جو ٿرپارڪر به پٺتي پيل ترين ضلعن جي فهرست ۾ شامل آهي.  ڪمزور ترين گهرن ۾ 65 سيڪڙو گهر ڪچن يا عارضي ڍانچن تي مشتمل آهن، جھل مگسي ۾ 97 سيڪڙو گهراڻا ڪچن يا اڌ پڪن گهرن ۾ رهڻ تي مجبور آهن، بلوچستان جي وڌيڪ پٺتي پيل ضلعن ۾  ٽرانسپورٽ ۽ فون سروسز جي شديد گهٽتائي آهي، مواصلات جي ڪمزوري سبب ايمرجنسي رسپانس ۽ ترقياتي خدمتن تي اثر پيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته روزگار جي شعبي ۾ 20 مان 15 بدترين ضلعا بلوچستان ۾ آهن، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ بي روزگاري ۽ بنا معاوضي گهريلو مزدوري جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، صحت جي سهولتن تائين رسائي ۾ بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا سڀ کان وڌيڪ ڪمزور آهن،  ڏورانهن ضلعن ۾ قريبي صحت مرڪز تائين فاصلو 30 ڪلوميٽر کان وڌيڪ آهي. رپورٽ مطابق، سڀ کان وڌيڪ اسڪولن جو تعداد ڪراچي ۾ آهي ۽ سڀ کان گهٽ بلوچستان ۾ آهن، بلوچستان ۾ ڇوڪرين لاءِ هاءِ، هائر سيڪنڊري اسڪول تائين فاصلو سڀ کان وڌيڪ آهي، وڏا خاندان تعليمي ۽ صحت جي سهولتن تائين رسائي کي وڌيڪ مشڪل بڻائيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.