هائبرڊ نظام ۾ وزيراعظم کي اختيار ملڻ جي آجيان ڪرڻ گهرجي:نديم افضل چن

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو آهي ته پاڪستان ۾ اڄ تائين حقيقي احتساب صرف ۽ صرف سياستدانن جو ٿيو آهي۔ اڄ به هڪ وزيراعظم جيل اندر آهي، جڏهن ته جيڪڏهن ججن، جرنيلن، صحافين ۽ ميڊيا ٽائیڪونز جو به ساڳي طريقي سان احتساب ٿئي، تڏهن چئي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ سڀني جو برابر ۽ بي طرف احتساب ٿي رهيو آهي،هن چيو ته آصف علي زرداري چوڏهن سال جيل ۾ رهيو، تڏهن ڪنهن کي خيال نه آيو ته آواز اٿاري، پر هاڻي جڏهن کيس استثنيٰ ملي آهي ته هر ڪو ڳالهائي رهيو آهي۔نديم افضل چن جو وڌيڪ چوڻ هو ته موجوده نظام هائبرڊ آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن به اختيار وزيراعظم کي ملي رهيو آهي ته ان تي تنقيد ڪرڻ بدران ان جي ساراهه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اختيار هميشه ئي ايگزيڪيوٽو وٽ هجڻ گهرجن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.