نئين دهلي (م ڊ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد چيو آهي ته اسان سڀ ڪجهه ياد رکنداسين، سڀني جو حساب ورتو ويندو، الله زندگي ڏني آهي، اهو ئي وٺندو، ڪارڪن کي چوان ٿي ته ڳڻتي نه ڪريو، اها وقت جي ڳالهه آهي، يقين آهي ته مان ان جو پلاند وٺي سگهنديس. شيخ حسينا واجد فيصلي کان اڳ بيان ۾ چيو ته سندس خلاف الزام غلط آهن، هو اهڙن فيصلن جي پرواهه نٿي ڪري. پنهنجي حامين لاءِ آڊيو پيغام ۾ هن چيو ته نوبل انعام رکندڙ محمد يونسف جي قيادت ۾ عبوري حڪومت سندس پارٽي کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي پر اهو سولو ناهي. ماڻهو هن ڪرپٽ، عسڪري ۽ قاتل يونس ۽ سندس مددگارن کي ڏيکاريندو ته بنگلاديش ڪيئن تبديل ٿي سگهي ٿو، ماڻهو انصاف ڪندا.