سڄي سنڌ ۾ هر طرف بدامني جي باھ ٻري پئي آهي. پوليس پاڻ مرادو عدالتن کي ٺڪرائيندي جيل ڪسٽڊي ۾ ماڻهو ماري رهي آهي يا ته جيئرا ماڻهو پڪڙي ٿڏي تي ئي اڪائونٽر ڪري رهي آهي. جنهن جو تازو مثال شهدادپور ۾ پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل استاد عزيز جکري کي بي انتها تشدد ڪري ماريو ويو آهي، عزيز جکري تي ٿيل تشدد جون تصويرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن. سکر ۾ سلطان شاھ ۽ ان جي پٽ کي ماري انهن جا لاشا ريڙهي تي رکي گهمايا ويا! ڪيترن ئي شهرن ۾ معصوم ٻارڙن ڇوڪرن/ ڇوڪرين سان جنسي زيادتي ڪري انهن کي قتل ڪيو ويو آهي. اتر سنڌ سڄو بدامني جي ور چڙهيل آهي، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ساڳي ويڌن آهي. ڪراچي جيڪو ميٽروپوليٽن سٽي ۽ معاشي حب آهي ان جي حالت ڏٺو وڃي ته اتر سنڌ جي ضلعن کان به بدتر آهي. روزانو جي بنياد تي ڪيترائي ڦر لٽ ۽ مار ڌاڙ جا واقعا ميڊيا تي اچي رهيا آهن. اسٽريٽ ڪرائيم ڪراچي ۾ تمام گهڻو آهي. ترقياتي ڪمن سبب ٽريفڪ رواني متاثر ٿيڻ سبب به ڏوهاري ذهن جا ماڻهو ان مان خوب فائدو وٺندي شهرين کي ڦري رهيا آهن. الائي جي ڪيترا ڏوهاري ٽولا سرگرم آهن جيڪي موبائيل ڦرڻ کان ويندي گهرن ۾ گهڙي، گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي سڄي گهر کي ٻهارو ڏئي هليا وڃن ٿا. تازو مثال سنڌ جي قومي راڳي ۽ اديب بيدل مسرور جو آهي. سچل ڳوٺ واري علائقي مان پهريون ان جي گهر مان 30 لک چوري ٿي ويا جڏهن سچل ٿاڻي تي ان چوري جي اين سي ڪٽرائڻ ويو ته وري پٺيان 40 لک ٻيا چوري ڪري ويس. ميڊيائي رپورٽن موجب ته بيدل مسرور پنهنجو پلاٽ وڪڻيو هو اها رقم ان پلاٽ جي ملي هيس. ڪجھ سال اڳ سي سي پي او ڪراچي بيان ڏنو هو ته جيڪو ڦورو موبائيل ڦرڻ اچي ان سان ڪابه مزاحمت نه ڪيو. ڪراچيءَ ۾ موبائيل ڦر دوران ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن.
مڃجي ٿو ته ملڪ جا معاشي حالات ٺيڪ ڪونه آهن. ڏوهن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. وري به پوليس جي ڪارڪردگي سواليه نشان بڻيل آهي. پوليس جي محڪمي ۾ الائي جي ڪيترا پروفيشنل ۽ سٺي ساک رکندڙ آفيسر به موجود آهن. سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي قابو پائڻ پوليس جي ذميواري آهي. لغاري بجراڻي واري واقعي، سلطان شاه واري قتل ۽ شهدادپور ۾ پوليس ڪسٽڊي دوران مارجي ويل استاد عزيز جکري جي واقعن جي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي ذميوار ماڻهن خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي. سنڌ جا سڄاڻ ذهن ڪيتري ئي وقت کان دانهون ڪندا پيا اچن ته پوليس کي مڪمل غير سياسي ڪيو وڃي. انهن کي قانون موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته جيئن حالات بهتر ٿي سگهن! سنڌ ۾ 2008ع کان وٺي لڳاتار پ پ پ جي حڪومت قائم آهي. سنڌ ۾ بدامني جي ذميوار سڌي طرح پ پ پ حڪومت آهي. مقرريون ۽ بدليون سنڌ ۾ پ پ پ حڪومت کان سواءِ ٿي ئي نه ٿيون سگهن.
سنڌ حڪومت کي هنگامي بنيادن تي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ذميوار ۽ سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسرن کي ضلعن ۾ مقرر ڪرڻ گهرجي. ڪيترن ئي شهرن مان ميڊيا تي خبرون اچن ٿيون ته منشيات، جوا جا اڏا ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارا ڌنڌا مقامي پوليس جي مرضيءَ سان هلي رهيا آهن. بيگناھ مارو مارڻ ۽ کنڀڻ بجاءِ اصل جيڪي ڏوهاري آهن انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. ڏوهن جي شرح گهٽائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ صاحب توهان کي انهن سڀني واقعن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. جيڪي به تازا واقعا ٿيا آهن اهي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز ڪرڻ جهڙا ڪونه آهن. پنهنجي کاتي جي ساک بحال ڪرائڻ لاءِ توهان کي سخت قدم کڻڻ گهرجن. آخرڪار ماڻهن توهان جو ڏوھ ڪهڙو ڪيو آهي. ايف آئي آر داخل ڪرائڻ لاءِ به ماڻهن کي روڊ بند ڪرڻو ٿو پوي. اهو سنڌ جي ماڻهن سان سراسر ظلم آهي. سنڌ مان ڏوهاري ذهنيت جو مڪمل خاتمو آندو وڃي. ڦرن، ڌاڙن، چورين، اغوا جهڙين جهڙين وارداتن ۾ ملوث ماڻهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي.