27 ترميم خلاف سنڌياڻي تحريڪ جو مارچ

تحرير: ذوالفقار راڄپر

         سٽي گيٽ کان وٺي حيدرآباد پريس ڪلب تائين غريب مائرن جي هنج ۾ کنيل ٻارن، بغير چيپل پاتل نينگرن ، نينگرين، ٻڍين عورتن کي فوجي پريڊ جيان ٽاپ ٽاپ ڪندي 27 هين آئيني آمريت، سنڌ جي امڪاني ورهاڱي، جرڳن، قبيلائي دهشتگردي، عورتن جي قتل، اغوائن، سڱ چٽين خلاف نعريبازي ڪندي بنا ٿڪاوٽ وارن چهرن ۾ ڪيترين ئي عورتن جي ٻانهن ۾ پاتل ٿري جوڙن ۾ هڪ نئين ويٽنامي انقلابي سرخ فوج جهڙي هٻڪار حيدرآباد جي فصائن ۾ پنهنجي ڳاڙهي رنگ وارن ڪڪرن جي ڇانو هيٺان هلندڙ بغير چيپل جي اگھاڙن پيرن سان پيرين پنڌ پنهنجي مائرن، پيئرن، ڀينرن ۽ ڀائرن سان هيرآباد کان تلڪ چاڙهي، گاڏي کاتو ۽ حيدرآباد پريس ڪلب تائين چيني انقلابي ڳاڙهو لالٽين جي ناول جهڙا ڪردار ڏٺا. ان قسم جا منظر نه نوان هئا، نه ئي عجيب. سواءِ انهن جي جن سنڌ جي ڊگهن وارن واري فوج جو اهو پهريون مارچ ڏٺو هوندو.

 سکر کان ڪراچي، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، شڪارپور ۽ حيدرآباد جا رستا، لنگھه، اخبارون ۽ ليک سڀ سنڌياڻين جي اهڙن ڪيترن ئي داستانن جا زندهه شاهد آهن. سموري ملڪ يا شايد سڄي ايشيا جي انقلابي دنيا ۾ هن وقت تائين فقط سنڌياڻي تحريڪ جهڙي روسي، ويٽنامي ،چيني عورتن جي قبيلي جهڙي جماعت جو ٻيو روپ سامھون اچي نه سگهيو آهي، ڀارت جي کاٻي ڌر ۾ شايد اهڙو انقلابي عورتن جو هر اول دستو ضرور هوندو، پر سنڌ ۾ صرف انقلابي اڳواڻ، دانشور ڪامريڊ رسول بخش پليجو جو ئي ڪمال آهي ته هن سنڌ جهڙي دقيانوسي جاگيرداري، سرداري ۽ قبيلائي نظام ۾ هڪ انقلابي سماجي سائنس جي تاريخ جي ليبارٽري ۾ سنڌياڻي تحريڪ جهڙي ايجاد سنڌ کي پنجن ستن هزارن جي تاريخ ۾ انقلابي تحفي طور ڏئي ويو، جنهن جي خلاف هن پنهنجي زندگيءَ ۾ مٿين طبقي جي جمهوري جماعتن ۽ انهن جي ايجنٽ وچين ۽ هيٺين ڪلاس جي گروپن ۽سندس پارٽي ۾ ڇپ ڪري ويٺل جاسوسن طرفان سوين الزامن کي ٿڏي ڇڏيو، هن خلاف من گهڙت ڳالهيون ڦهلائيون ويون  ته جيئن سنڌ ۾ عورت پنهنجي طبقاتي، قومي جدوجهد ۾ ڪردار ادا ڪرڻ بدران مردن جي ٿاڦيل سياست جو ايئن رانديڪو بڻيل رهي، جيئن سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ وڏيرن جي جماعت جا ميمبر ۽ وزير عورتون، جرڳن، عورتن جي وڪري، اغوائن تي ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺل آهن، هڪ دفعو جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ عبدالواحد آريسر ڪنهن شهر ۾ شايد لاڙڪاڻي ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته "لاڙڪاڻي جي جلسي ۾ اسٽيج تي صرف بيگم نصرت ڀٽو، بينظير ڀٽو يا اشرف عباسي نظر اينديون هيون، پر اهو پليجي جو ئي ڪمال آهي ته ان هن اسٽيج تي غريب عورتن کي ويهاريو آهي .”

 سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهد جي هڪ ڊگهي انقلابي جمهوري، انساني ۽ قومي طبقاتي جدوجهد جي تاريخ لکجندي اچي پئي، سندن جڏهن قائد رسول بخش پليجو زنده هو تڏهن به ان جوش جلال سان سنڌ ۽ عورت دشمن ريتن رسمن رواجن ۽ دنياداريءَ کان بغاوت جا طبل وڄائيندي هئي ۽ جڏھن استاد پليجو گذاري ويو ته سڀني سمجهو ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ختم ٿي ويندي، پر جنگشاهي جي منگر خان پليجو ۾ جنهن نموني هن جو جنازو کنيو ويو، ان وقت سنڌياڻي تحريڪ هڪ ٻيو جنم ايئن ئي ورتو، جنهن م هن جي عمر ڪنهن ننڍڙي بانبڙا پائيندڙ ٻار جيان نه پر هڪ جواڻ جمار خوبصورت، اکين ۾ انقلاب، آزاديءَ جا خواب سمائيندڙ ڇوڪري وارو هو، نظرياتي طور هٿياربند نينگر جي روپ ۾ هن جيڪو آرس ڀڳو ان جي هڪ جهلڪ ڪالهه 16 نومبر 2025 آچر ڏينهن تي مان حيدرآباد جي روڊن تي 27 ترميم خلاف عدالت، پارليامينٽ، پريس جي آزادي، عورت دشمن رسمن رواجن، جرڳن ۽ جاگيرداري نظام خلاف ٿيل مارچ ۾ نظر آئي ۽ هيءَ اها ئي سنڌياڻي تحريڪ آهي، جيڪا ڪنهن ڪرشمي جو ڪمال نه آهي، پر اها ڊگهي سياسي، نظرياتي، تنظيمي تربيت جو نتيجو آهي، جنهن ڪشمور ڪنڌڪوٽ، ٺل  ۾ هڪ پڙهيل لکيل جاگيردار طرفان ننڍين نينگرين کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ خلاف جيڪا هلچل هلائي، جنهن جو ان وقت جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چوڌري افتخار پاڻمرادو نوٽيس ورتو.

 ضياءَ الحق جو دور هجي يا بينظير ڀٽو جو يا مشرف جو وقت هجي، سنڌياڻي تحريڪ سنڌ جي حفاظت جي جنگ جا جيڪي حوصلا ۽ همتون ڏنيون آهن، ان تي شاعري، ناول، افسانا لکي سگهجن ٿا، پر سنڌ جو اديب اڃان ايترو آزاد ۽ خودمختيار نه ٿيو آهي، ڇو جو هو عوامي سياست کان پري رهي ٿو، ان ڪري منجهن ڪو ميڪسم گورڪي پيدا نه ٿي سگهيو آهي. ان سنڌياڻي تحريڪ جي سورمين جا ڀلي سنڌي ادبي ميلن، ٽي وي پروگرامن ۾ رستا بند هجن، پر سموري سنڌ جا لنگھه هنن جو انتظار ڪندا آهن، 27 ترميم ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڪيل مارچ جا پڙاڏا لاهور، اسلام آباد، تائين جيڪا گونج پيدا ڪندي ان جو نتيجو سموري ملڪ ۾ 27 ترميم ۽ آمريت خلاف هڪ منظم تحريڪ کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي. ۽ ٻلي جي ڳچيءَ م پيل گهنڊڻي لاهي ڦٽي ڪري ڇڏي آهي.

سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهد جي هڪ ڊگهي انقلابي جمهوري، انساني ۽ قومي طبقاتي جدوجهد جي تاريخ لکجندي اچي پئي، سندن جڏهن قائد رسول بخش پليجو زنده هو تڏهن به ان جوش جلال سان سنڌ ۽ عورت دشمن ريتن رسمن رواجن ۽ دنياداريءَ کان بغاوت جا طبل وڄائيندي هئي ۽ جڏھن استاد پليجو گذاري ويو ته سڀني سمجهو ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ختم ٿي ويندي، پر جنگشاهي جي منگر خان پليجو ۾ جنهن نموني هن جو جنازو کنيو ويو، ان وقت سنڌياڻي تحريڪ هڪ ٻيو جنم ايئن ئي ورتو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.