اسلام آباد (بيورو) اردن جو بادشاهه شاهه عبدالله ٻيو وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، جيڪو 21 ورهين بعد ڪنهن به اردني حڪمران جو پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو آهي. نورخان ايئربيس تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ مملڪتي وزير وجيها قمر شاهه عبدالله ۽ سندس وفد جي آجيان استقبال ڪيو. پاڪ فضائيا جي جي ايف-17 ٿنڊر جهازن شاهي جهاز کي حفاظت سان پاڪستاني فضائي حدن تائين همراهي ڪئي. بادشاهه عبدالله ٻئي جي دوري کي پاڪستان ۽ اردن ۾ ڀائراڻن، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن جي مضبوطي لاءِ اهم قرار ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاهه عبدالله کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جتي وزيراعظم شهباز شريف سان نويڪلائي ۾ ۽ وفدي سطح تي ملاقاتون طئي آهن. هي دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار جي نون رخن کي هٿي ڏيندو ۽ لاڳاپن ۾ نئون باب کوليندو.