حيدرآباد ۾ ڦٽاڪن جي ڪارخاني ۾ ڌماڪو، 7 ڄڻا فوت، عورت سميت 7 ڄڻا زخمي

حيدرآباد (رپورٽ: اعجاز چانڊيو) حيدرآباد ۾ ڦٽاڪا ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ ڌماڪو، 7 ڄڻا فوت، عورت سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. وڏي وزير ۽ گهرو وزير معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لطيف آباد نمبر 10 جي بچاء بند وٽ ڳوٺ باقر پنجابي وٽ واقع هڪ فيڪٽري ۾ زوردار ڌماڪي ٿيڻ کان پوءِ باهه لڳي وئي ۽ فيڪٽري جي ڇت ڪري پئي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مزدور ملبي ۾ دٻجي سڙي فوت ٿي ويا ۽ چوڪيدار جي گهرواري سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڌماڪي دوران ڀرپاسي جا گهر به لڏي ويا. فيڪٽري ۾ بيٺل ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون به سڙي ويون. ڌڪامي جو اطلاع ملندي ئي ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو. ڊي سي حيدرآباد زين العابدين ميمڻ. ايس ايس پي عديل چانڊيو. پوليس عملدار. رينجرس اهلڪار ۽ ايڌي رضاڪار پهتا. جڏهن ته  فائربرگيڊ جي گاڏين ۽ عملي پهچي باهه تي ضابطو آندو ۽ ريسڪيو جو ڪم شروع ڪيو ويو. ڌماڪي ۾ 45 سالن جي رشيد ۽ 23 سالن جي وسيم ولد اسلم سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. جن مان پنج ڄڻن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. جيڪي باهه ۾ مڪمل طور تي سڙي ويا آهن. جڏهن ته مرتضیٰ. نعيم ولد محمد يوسف. وقاص ولد ارشد. شيراز ولد ثناء الله. مشتاق ولد صادق. انيس ولد اڪرم. ڪاشف ولد ارشد. مسرت زال ارشاد سخت زخمي ٿي پيا آهن. زخمين مان ڪيترائي مريض 100 سيڪڙو سڙيل آهن. اسپتال ۾ ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. ايڌي رضاڪارن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو. رات دير تائين ريسيو جو ڪم هلندڙ هيو ۽ لاشن جي نڪرڻ جو سلسلو جاري هيو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گهرو وزير ضياء لنجار ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي، زخمي مزدورن کي فوري ۽ بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ضلعي انتظاميا کان واقعي جي فوري رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪارخاني جي ڇت ڪرڻ سبب ڪيترائي مزدور اڃا تائين ڇت هيٺان دٻيل آهن. جنهن ڪري فوتين جو انگ اڃا به وڌي سگهي ٿو. حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڦٽاڪن جون غير قانوني فيڪٽريون ۽ دڪان قائم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. مليل معلومات موجب حيدرآباد جي راھوڪي، پنڃاري، ٽنڊو يوسف، ڦليلي ۽ مارڪيٽ ٿاڻن جي حدن ۾ ڦٽاڪن جون غير قانوني فيڪٽريون ۽ دڪان قائم آھن. ذريعن مطابق لاڳاپيل انتظاميا ۽ پوليس رشوت عيوض خاموش تماشائي بڻيل آھي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيو آهي ته ماڻهن ايريگيشن جي زمين جي پٽي تي قبضو ڪري گهر ٺاهيا آهن. جن مان هڪ جاءِ ۾ ڦٽاڪن جي فيڪٽري ٺاهيل هئي. جنهن جي ڪنهن کي خبر نه هئي. خبر ناهي ته فيڪٽري جو مالڪ ڪير آهي. بهرحال هاڻي جاچ ڪئي پئي وڃي ته فيڪٽري جو مالڪ ڪير آهي. ان کي سوگهو ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي سي چيو ته ٻهراڙين جي ماڻهن کي گهرجي ته جيڪڏهن اهڙي ڪا به غير قانوني ڪم جي جاءِ کي ڏسن ته فوري طور تي انتظاميا کي اطلاع ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائينداسين ۽ ذميوارن کي سزا ڏني ويندي. صوبائي اسيمبلي جي ميمبر صابر قائمخاني چيو آهي ته هيتري وڏي فيڪٽري هلڻ جي باوجود لاڳاپيل انتظاميا جي بيخبري افسوسناڪ عمل آهي. فيڪٽري ۾ ڌماڪي سبب 7 ماڻهو مري چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي اسپتال ۾ نازڪ حالت ۾ آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن ڊي سي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهايو آهي ته هو جاچ ڪن ته فيڪٽري ڪنهن جي هئي ۽ رجسٽرڊ به هئي يا غير قانوني هلي رهي هئي جنهن ۾ ڌماڪي سبب مزدور پنهنجي جان وڃائي ويٺا آهن. هن چيو ته فيڪٽري آبادي کان پري هئي تنهن ڪري رڳو اتي ئي نقصان ٿيو آهي. پر جيڪڏهن ان جي ڀرسان گهر هجن ها ته وڏو نقصان ٿئي ها. معاملي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي.ڌماڪي واري علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته روزانو 45 کان 50 مزدور فيڪٽري ۾ ايندا ۽ ويندا هئا. جن مان اڃا تائين 7 فوتي ۽ 7 زخمي ملي سگهيا آهن. ٻن بابت جاچ هلندڙ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.