اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ) پورٽ قاسم اٿارٽي طرفان 60 ارب رپين جي ڊريجنگ جو ٺيڪو براہِ راست هڪ نجي ڪمپني کي ڏيڻ جي ڪوشش، ۽ ان لاءِ مبينا طور وزيراعظم جي ’’فوري حڪمن‘‘ جو ڪوڙو جواز پيش ڪرڻ تي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وزيراعظم کان فوري مداخلت جي اپيل ڪئي آهي۔وزيراعظم جي صلاحڪار ڏانهن لکيل خط ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل چيو آهي ته انهن کي هڪ شڪايت ملي آهي جنهن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نئون ٺهيل ادارو نیشنل ڊريجنگ اينڊ ميرين سروسز (NDMS) گڏجي بغير ڪنهن مقابلي واري بولي (نيلامي) جي، ملڪ جي سڀ کان وڏي ميرٽائم ڊريجنگ جو ٺيڪو هڪ نجي ڪمپني کي ڏيڻ جي تياري ڪري رهيا هئا، جيڪو PPRA رولز جي صريح خلاف ورزي آهي۔، (NDMS جيڪو جولاءِ 2025 ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، گوادر پورٽ اٿارٽي ۽ نیشنل لاجسٽڪ ڪارپوریشن جي تعاون سان ٺهيو،200ملين ڊالر (60 ارب رپيا) جو ڊريجنگ ٺيڪو سڌي ٺيڪي جي بنياد تي ڏيڻ وارو هو۔الزام اهو به آهي ته هن قدم کي جائز ڏيکارڻ لاءِ اهو بيان ڏنو ويو ته وزيراعظم پورٽ قاسم تي ڊريجنگ کي تيز ڪرڻ لاءِ ’’فوري قدم‘‘ کڻڻ جي هدايت ڪئي هئي۔ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل شڪايت جو جائزو وٺي چيو آهي ته ٻاهرئين نظر ۾ الزام صحيح لڳن ٿا۔اداري جو چوڻ آهي ته پورٽ قاسم تي ڊريجنگ جو ڪم 17 سال کان اٽڪيل آهي، جيتوڻيڪ پورٽ قاسم اٿارٽي 2007 ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته چينل کي 14 ميٽر تائين کوٽائي ڏني ويندي۔پهريون ٽينڈر 2008 ۾ جاري ٿيو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ بولي 10.7 ارب رپيا هئي،پر هن سڄي عمل کي بنا ڪنهن وضاحت جي منسوخ ڪيو ويو۔ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو سوال آهي ته جڏهن 2008 ۾ 10.7 ارب رپين ۾ ڪم ٿي سگهي پيو، ته هاڻي 60 ارب رپين جو سڌو ٺيڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڇو ٿي رهي آهي؟هي معاملو سنجيده مالي بي ضابطگين جي طرف اشارو ڪري ٿو، جنهن لاءِ وزيراعظم جي سطحي سطح تي جاچ ضروري قرار ڏني وئي آهي۔