سکر (رپورٽ :شفيع محمد ابڙو) ستاويهين ترميم خلاف سکر ۾ وڪيلن جو ڪنوينشن، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عامر وڙائڇ ،قربان ملاڻو ،حق نواز ٽالپر سميت پوري سنڌ مان هزارين وڪيلن جي شرڪت، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي هڪ هفتي اندر ڇويهين ۽ستاويهين ترميم خلاف داخل پٽيشن اڪلائڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. حڪومت پاران ڇويهين ترميم بعد ستاويهين ترميم پاس ڪرڻ خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي سکر ڊسٽرڪٽ بار ۾ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، ڪنوينشن ۾ ڪراچي بار جو صدر سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر عامر نواز ورائخ، حق نواز ٽالپر، سنڌ هائي ڪورٽ بار سکر جي صدر قربان ملاڻو ،شفقت رحيم ،ڪي بي لغاري سميت هزارين وڪيلن ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪري حڪومت کي فوري طور تي ڇويهين ستاويهين ترميم ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي، سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ملاڻو ۽ صدر احمد علي خان پٺاڻ آيل وڪيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندي ڪنوينشن ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. ڪنوينشن کي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سکر جي صدر قربان ملاڻو، شفقت رحيم، ڪراچي بار ڪائونسل جي صدر ۽ ميمبر سنڌ بار ڪائونسل عامر نواز وڙائچ، ڪي بي لغاري، حق نواز ٽالپر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڇويهين ترميم بعد ستاويهين ترميم حڪومت آڻي ملڪ مان قانون ۽ عدل جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي ملڪ جا غيرت مند وڪيل ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا هنن چيو ته ملڪ مان انصاف جو صفايو ڪري عدالتن کي ڀت سان لڳائي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ من پسند فيصلا ڪري ملڪ جي پنجويهھ ڪروڙ عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي ۽ اسين ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ۽ هن ملڪ ۽ سنڌ جا وڪيل سر تي ڪفن ٻڌي انهن ظالمن خلاف ميدان ۾ لٿا آهيون ۽ هر صورت ۾ ترميمون واپس ڪرائي پوءِ سک جو ساھ کڻندا سين، وڪيل ڪنوينشن جي پڄاڻي تي وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ ڪنوينشن ۾ ٿيل گڏيل فيصلي بابت ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪنوينش ۾چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کان هڪ هفتي اندر ڇويهين ۽ ستاويهين ترميم خلاف داخل پٽيشن تي فيصلي جي گهر ڪيون ٿا جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جا وڪيل سخت احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪندا ۽ ٻٻرلوءِ سميت پوري ملڪ کي بند ڪيو ويندو.
سکر :سکر وڪيل ڪنوينشن ۾ تقريرن دوران خانگي ماڻهن حملو ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر جي صدر قربان ملاڻو، عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين وڪيلن کي زخمي ڪري ڇڏيو، حملي ڪندڙن کي ڪنوينشن ۾ موجود وڪيلن پڪڙي سٽڪي بعد سکر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، سکر پوليس حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سي سيڪشن ٿاڻي تي بند ڪري ڇڏيو.گرفتار ماڻهن ٿاڻي ۾ پهچڻ نعرا هڻندا رهيا.
، ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته وڪيلن تي تشدد ڪندڙ نوابشاهه جا پ پ عهديدار آهن جن کي ڪنوينشن خراب ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو.