ملڪي سلامتي سان سلهاڙيل پاڪستان اسٽيل ملز جنهن قوت بڻجڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهنجي بدولت اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو واهه واهه واري لسٽ ۾ سرفهرست آهي، هن اداري جو زوال اڄ کان 10 سال اڳ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جون 2015 ۾ هلندڙ پاڪستان اسٽيل مل جنهنجي ان وقت پيداوار 65 سيڪڙو تي هئي ته هن اداري کي هٿ وٺي بغير ڪنهن اڳواٽ گئس لائبلٽيز جي آڙ وٺي مل جي گئس بند ڪئي ۽ هي ادارو پنهنجي زوال پذيري طرف ڏينهون ڏينهن قرضن ۽ خساري جي لپيٽ ۾ اچي ويو. هن اداري جي بند ٿيڻ وقت 9 ارب رپين جون تيار اسٽيل مصنوعات پيل هئي جنهنجو ڪو به حساب ڪتاب اداري جي آيل سربراهن اڄ ڏينهن تائين وفاق کي نه ڏنو آهي، هي قومي صنعتي ادارو ٽياس تي ٽنگيل آهي، مرحلي وار هن اداري مان جبري برطرفيون ڪيون ويون 22 هزار ملازمن مان 21 هزار 100 ملازم ڪڍيا ويا باقي 900 ملازم رهيا آهن جن ۾ سڪيورٽي، تعليم، صحت ۽ سروسز ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان اسٽيل ملز جي سرڪاري رهائشي ڪالوني اسٽيل ٽائون کي خالي ڪرائڻ لاءِ انتظاميا پاڪستان اسٽيل پنهنجي ملازمن جي گهرن جي بجلي، پاڻي، گئس هٿ وٺي ڪٽي ڇڏي آهي،
گذريل 100 ڏينهن کان ملازم پنهنجي جبري برطرفين جي بحالي، اسٽيل ٽائون جي بجلي پاڻي ۽ گئس جي بحالي لاءِ مرحلي وار احتجاج ڪري رهيا آهن، سندن مطالبو آهي ته جبري برطرف ٿيل ۽ رٽائر ٿيل ملازمن جون رهتون ادا ڪيو، ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن پاڪستان اسٽيل مل جي مزدورن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اسٽيل ٽائون گيسٽ ھائوس آڏو ڌرڻو ڏنو، پاڪستان اسٽيل انتظاميا پاران ڌرڻي ۾ شريڪ مزدور اڳواڻن ۽ يو سي چيئرمين وائيس چيئرمين مير عباس ٽالپر سميت 14 سڃاتل ۽ 50 اڻ سڃاتل مظاھرين مٿان اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، ان ڪيس جي ضمانت ملير جي عدالتن خميس ڏينهن ڏئي ڇڏي آهي، هتي ڌيان طلب اها ڳالهه آهي ته ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪيس ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي پورهيت الهه داد زرداري جي 8 مهينن جي ٻار حماد زرداري کي به جوابدار قرار ڏئي مٿس اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي، انساني حقن جي سڀ کان وڏي ڀڃڪڙي آهي، ياد رهي ته ماضي ۾ به پورهيتن کي پنهنجي حق گهرڻ عيوض مل انتظاميا ڪوڙا ۽ من گهڙت ڪيس داخل ڪرائيندي رهي آهي جن کي عدالت سڳوري ثبوت نه ملڻ تي پورهيتن ۽ پورهيت اڳواڻن تان ڪيس ختم ڪيا هئا، هوڏانهن وفاق پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي لاءِ روس سان ڳالهيون ڪري مل جي توسيع ۽ بحالي بابت روسي انجنيئرن جا وفد پاڪستان اسٽيل مل ايندا رهيا آهن ته ٻئي پاسي هن اداري ۾ بچيل 900 پورهيت به جبري برطرف ڪرڻ لاءِ انتظاميا تيار ويٺي آهي ۽ ڪنهن به وقت پورهيتن مٿان لٽڪيل تلوار ڪيرائي ويندي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جنهنجي ناني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن اداري جو 1975ع ۾ بنياد رکيو، پ پ جي منشور ڳڀو، لٽي ۽ اجهي جو نعرو هنيو هو ۽ پاڪستان اسٽيل مل ۾ هزارين پورهيتن کي روزگار ڏئي منشور تي عملدرآمد ڪرايو پر بدقسمتي سان بلاول ڀٽو زرداري، حد جي پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو سميت مرڪزي قيادت مل جي بحالي جا دلاسا ڏنا جيڪي اڄ ڏينهن تائين وفا نه ٿي سگهيا.
تازي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ۽ خاص طور تي قومي سلامتي ۽ ملڪ کي دفاعي طور تي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ معيشت کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان اسٽيل جي بحالي انتهائي ضروري آهي، جيڪڏهن هي ادارو بحال ٿئي ٿو ته سڌي ۽ اڻ سڌي طرح اسٽيل صنعت سان هڪ لک ماڻهو روزگار سانگي لڳندا، موجوده وفاق کي هن طرف سنجيدگي سان سوچي ۽ پاڪستان اسٽيل جي بحالي لاءِ ترت اپاءُ وٺي ۽ پورهيتن کي پنهنجو حق ادا ڪري.