حڪومتي لاپرواهي ۽ معصوم گلن جو جنازو

منور برهماڻي

روزانو سنڌ جي ڌرتيءَ تي انسانيت جو رت وھندو آھي ، جذبن جا لاشا کڄن ٿا ، ڪيترن ئي مائورن جون جھوليون کالي ٿين ٿيون ، معصوم گلن کي کلڻ کان اڳ انھن کي رھڙي ، نڪوڙي گٽرن ، نالن يا ڪچري جي ڍيير تي اڇلايو وڃي ٿو ، پيءُِ  جي اميدن جا ڏئيا بيدردي سان اجھايا وڃن تا ، ڪٿي ڪونڌر سولي چاڙھا ويا ، ڪن جو مقدر جيل جو سلاخون بڻيون ، روز ھڪ نئون دردناڪ ڪيس سامھو اچي ٿو ، امان ماءُ  پڇو ته ان جي دل مان ڪھڙيون آھون نڪرنديون ھونديون ، جن جا ٻچڙا ماريا وڃن ٿا ، اکين آڏو کمڀي جبري گم ٿين ،معصوم نياڻيون کي حوس ۽ اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻائي زندگي ۽ موت جي ڪشمش م اڇلايو وڃي ۽ اھا معصوم گلاب جي گل جھڙي نياڻي ماءُ  جي ھنجھ ۾ تڙپي تڙپي دم ڏي ته ، ان ماءُ  جو اندر ھزار ٽڪرا ٿي وڃي ٿو ،   معصوميت کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو وڃي ٿو ، ۽ حڪومتي ادارا خاموش بيٺل ڏسجن ٿا ، اهو خاموشيءَ جو الميو ئي آهي جيڪو قاتلن کي طاقت ، ظالمن کي جرئت ۽ بيگناهن کي قبر جي خاموشي ڏئي ٿو ،

اسان جو سماج ڄڻ ته بيحسيءَ جي حد تائين بيزار ٿي ويو آهي ، جذبا مري ويا آهن ، ضمير سُتل آهن  ۽ قانوني ادارا بي حس بڻجي ويا آهن ، معصوم ٻارن ، استادن ، مزدورن ۽ سماجي ڪارڪنن جو رت رُلجي ٿو ، پر حڪومت جي ڪن تي جونءِ به نه سري ٿي ، جھلوري جي معصوم آمنه ڪنڊراڻيءَ جو واقعو سنڌ جي هر حساس دل کي رتائيندڙ آهي ، هڪ اسڪول جي نينگري ، جيڪا علم حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتي ، اغوا ٿي وئي ، کيس بيدرديءَ سان حوس جو نشانو بڻايو ويو ، بکيو رکيو ويو ۽ آخر ڳلو دٻائي قتل ڪري سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري واھ ۾ اڇلايو ويو ، پوسٽ مارٽم رپورٽ ٻڌائي ٿي ته آمنه سان نه صرف جسماني زيادتي ٿي پر کيس ڊگهي اذيت ڏني وئي ، اهڙي وحشت انسانيت جي تاريخ لاءِ بدنما داغ آهي ، پر سوال اهو آهي ته انصاف ڪٿي آهي؟

اهو واحد ڪيس ناهي ،

رتيديري مان معصوم چئين ، پنجن ورھيه جي حسنين جو تشدد ٿيل لاش مليو ، ڇهه سال اڳ 9 ورهين جي خديجا کوکر کي به ريپ ڪري پاڻي ۾ ٻوڙي ماريو ويو ، ان جو ڪيس اڃان تائين عدالتن جي تاريخن ۾ گم آهي ، ساڳي طرح ، پوليس ڪسٽڊي ۾ استاد ڄام عزيز جکرو کي انسانيت کان ڪريل تشدد ڪري قتل ڪيو ويو ، هڪ علم ورهائيندڙ استاد ، جيڪو شاگردن لاءِ روشنيءَ جو مينار هو ، تعليم جي ڦحلا کي ويسھ پئي ڪيو، ان کي انسانيت کان ڪريل  تشدد سان ماريو ويو ، ۽ پوءِ الزام کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي لاوارث ڪري اسپتال ۾ ڦٽو ڪيو ويو ، ان کان علاوه فاطمه ڦرڙو ، شھيد ڊاڪٽرشاھنواز ڪمڀر ، سانگھڙ جا شھيد ، شھيد نظيران برھماڻي ، مورو جي شھيدن سميت غني امان چانڍيو ، سرمد ميراڻي کي جبري کمڀي گم ڪرڻ ، ۽ اڻ ڳڻيا ڪيس آھن جيڪي حڪومتي ادارن ۽ حڪومت جي منھن تي چماٽ آھي ،  انهن سڀني ڪيسن مان هڪ ئي ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته حڪومتي ادارن ۽ حڪومت جي بي حسي ، حڪومتي ادارن جي خاموشي ڇو؟ جڏهن پوليس پاڻ ڏوهاري بڻجي وڃي ، عدالتون سالن تائين ڪيس ٻڌنديون رهن ، ۽ حڪومتي نمائندا صرف مذمت تي گذارو ڪن ، تڏهن ڏوهارين کي جرئت ملي ٿي ، اسان جو نظام نه صرف ڪمزور آهي پر ڪيتري حد تائين ظالمن جو ساٿي بڻجي ويو آهي ، قانوني دلالي ، رشوت ، سياسي اثر ۽ عدالتي سست رفتاري انصاف کي مارين ٿا ، پوليس جا ڪيترا عملدار اهڙا آهن جيڪي پئسي جي بدلي ڪيس دٻائين ٿا يا جوابدارن کي بچائن ٿا، جنھن سان ڏوھن ۾ وڌ ٿئي ٿي ، ڏوھاري وحشي صفت بي خوف ٿي وڃن ٿا.

سوال آهي ته جيڪڏهن اسٽيٽ جي ذميواري شهرين جي جان ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ آهي ، ته پوءِ آمنه ، خديجا ، حسنين ۽ ڄام عزيز کي ڇو نه بچائي سگهي؟ ڇو اهڙن ڪيسن ۾ سرڪاري مدعيت تي ڪاروائي نٿي ٿئي؟ ڇو متاثر خاندانن کي ڌمڪائي خاموش ڪيو وڃي ٿو ؟انصاف جو جنازو ، عدالتن ۽ قانوني دلالي سبب کڄي ٿو ، اسان جي عدالتن ۾ سالن تائين ڪيسن جون تاريخون لڳنديون رھنديون آهن ، متاثرين جا والدين سالن تائين انصاف لاءِ ڌڪا کائيندا ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽيندا رھندا آهن ، ۽ آخرڪار ٿڪجي چپ ٿي ويھي رھن ٿا ، جڏهن قاتلن کي سزا نه ملي  ته ڏوهه وڌندا آهن ، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ ٻارن تي تشدد ، عورتن سان زيادتي ، ۽ پوليس تشدد جا واقعا وڌي رهيا آهن ، قانوني ادارن ۾ ايماندار آفيسر ۽ جج نه ھئڻ ، نظام جي سست رفتاري ، سياسي مداخلت ۽ بدعنواني سبب ڪرائم ۾ ڏينھن به ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي ، نتيجتن روز ڪون نه ڪو ھانُ  ڏاريندڙ واقعو پيش اچي ٿو ، آخر حڪومتي ادارا ايڏا ظالم جابر ڇو بڻجي ويا آھن ، ڪنھن جي پيا ونگار وھو ، مورو ، دادو ، سانگھڙ ۾ رت وھايو ويو ، استادن ، ھارين ، مزدورن ، نرسن ، وڪيلن ۽ شاگردن ، سياسي ڪارڪنن تي ڪراچي جي روڊن تي ڪنھن جي غلامي ڪندي شيلنگ ، تشدد ڪيو ، انھن حربن سان امن ته نه ٿيو ، ويتر انتشار ، مارا ماري ۽ نفرتن جنم ورتو آھي ، عام شھرين جو قانون ، انصاف تان ويساھ ئي کڄندو پيو وڃي ، سماجي بگاڙ سبب انساني زوال اچي ويو آھي ، اهي واقعا صرف قانوني ناڪامي ناهن ، پر اخلاقي ۽ سماجي زوال جا اشارا آهن ، جڏهن سماج مان رحم ختم ٿي وڃي ، جڏهن انسانيت جو احساس مرڻ لڳي ، تڏهن اهڙا درندا پيدا ٿين ٿا ، جيڪي معصوم ٻارن کي زيادتيءَ بعد مارين ٿا ، استادن کي تشدد سان مارين ٿا ، ۽ پوءِ قانون تي کلندا آهن ، اسان جو سماج به پنهنجي حصي جو ڏوهاري آهي ، اسان سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڏينهن لاءِ ٽرينڊ هلائيندا آهيون ، "جسٽس فار آمنه” يا ” سنڌ پوليس شرم ڪر” لکي خاموش ٿي ويندا آهيون ، پر ڪنهن وٽ ايترو حوصله ناهي جو عدالتن تائين مستقل آواز پهچائين يا قانوني سڌارا گهرين ،

رياست ۽ حڪومت لاءِ ڪيترائي سوال جنم وٺي رھيا آھن ، ڇا حڪومت وٽ ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪو مضبوط قانوني فريم ورڪ ناهي ؟ ڇا پوليس تي ڪنهن به ظلم لاءِ سڌو احتساب جو نظام ناهي ؟ ڇا جنسي ڏوهن جي تحقيقات لاءِ تربيت يافته اهلڪار ناهن ؟ ڇا شهيد استادن ۽ مظلوم خاندانن لاءِ ڪو انصاف جو خاص ٽريبيونل آهي؟ سڀني سوالن جو ھڪ ئي جواب نظر اچي ٿو ، اھو آھي نه ۽ اهو ئي اسان جي تباهي جو بنيادي سبب آهي ، انھي سڄي صورت حال جو حل آھي ، عدالتي سڌارا ، جنسي ڏوهن ۽ پوليس تشدد جي ڪيسن لاءِ فاسٽ ٽريڪ عدالتون قائم ڪيون وڃن ، پوليس ۾ احتساب ، جيڪ ان بيلنس ، هر پوليس تشدد واري ڪيس ۾ آزاد جاچ ڪميشن هجي ، جنهن ۾ شهري نمائندگي لازمي هجي ، شاهدي ۽ تحفظ ، متاثرين ۽ شاهدن لاءِ قانوني ۽ نفسياتي تحفظ جو نظام ٺهڻ گهرجي ، تعليم ۽ سماجي آگاهي ، اسڪولن ۽ ميڊيا ۾ ٻارن جي تحفظ ، جنسي شعور ۽ انساني احترام تي مستقل مهم هلائجي ، سرڪاري مدعيت ، ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي جي ڪيسن ۾ رياست پاڻ مدعي بڻجي، جيئن متاثر ڌر تي دٻاءُ نه پوي ، معصوم آمنه ڪنڊراڻي ، خديجا ، حسنين ۽ ڄام عزيز جکرو جا نالا رڳو ڪيس نمبر نه آهن ، اهي سنڌ جي درد جو اظهار آهن ، انهن جي لاشن تي رڳو مائرن نه پر سڄي انسانيت جو ماتم واجب آهي ، اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا اسان اهڙي رياست چاهيون ٿا جيڪا قاتلن کي تحفظ ڏئي ۽ بيگناهن کي قبر ۾ پھچائي ڇڏي ؟ يا اهڙو سماج جيڪو انصاف ۽ انسانيت جو نالو ٻيهر زنده ڪري ؟ جيڪڏهن اسان اڄ چپ رهياسين ، ته سڀاڻي اهو ظلم ڪنهن ٻي آمنه ، ڪنهن ٻي ڄام عزيز ، ڪنهن ٻي نينگري تي ٿيندو ۽ شايد پوءِ اسان وٽ لفظ به نه بچن ، انصاف تڏهن زنده رهندو جڏهن ظلم جي خلاف آواز مسلسل اڀرندو ، سنڌ جي ڌرتيءَ تي انسانيت جو قتل روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏ ٿي بيهڻو پوندو ، ڇو ته چپ رهڻ به جرم آهي ، ان لاءِ ھڪ آواز بڻجون ته اھڙن ظالمن معصوم گلن جھڙي نياڻين جي قاتلن سان گڏ سڀني کي ڦاسي تي لٽڪائي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ، ته جئين وري ڪو دريندو اھڙو ڏوھ ڪرڻ جي حمت نه ڪري ، ۽ منھنجي سنڌ جا سانگي سک جو ساھ کڻي سگھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.