ٻيو حصو
دوحا ۾ گهمڻ جو وڌيڪ احول لکڻ کان پهريان اهو ٻڌائيندو هلان ته قطر ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ چوراسي ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي. قطر مان روڊ ذريعي سعودي عرب وڃڻ لاءِ ”ابو سمره سالويٰ بارڊر ڪراسنگ پوسٽ“ وٽان سرحد کي پار ڪرڻو پوي ٿو. ابو سمره وارو علائقو ۽ بارڊر ڪراسنگ پوسٽ قطر واري پاسي آهي ۽ اها دوحا کان ڏکڻ ۾ اٽڪل 90 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي، جڏهن ته سعودي واري پاسي کان سالويٰ نالي هڪ ننڍو ڳوٺ ۽ ”سالويٰ“ بارڊر ڪراسنگ پوسٽ آهي جيڪا جده کان اتر ۾اٽڪل تيرنهن سئو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. سجاد ٻڌايو ته ڪجهه عرصو اڳ سعودي ۽ قطر جي وچ ۾ فوجي جهڙپون ٿيون هيو جنهن ڪري هن بارڊر ڪراسنگ کي بند ڪيو ويو هيو پر حالتون ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ هاڻي اتان ماڻهن ۽ گاڏين جي اچ وڃ جاري آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هو پاڻ به ٻه ٽي مهينا اڳ پنهنجي فيملي سان گڏ پنهجي ڪار تي هن بارڊر وٽان ڪراس ڪري سعودي عرب ويو هو ۽ عمري ڪرڻ کان پوءِ سعودي عرب جا ڪجهه علائقا به گهمي ڦري واپس آيو هيو.
ڪار سان گڏ ڪچهري به هلندي پئي رهي ته دوحا جو درشن به ٿيو پئي. روڊ ڪشادا ۽ صاف سٿرا هيا. شهر جي جن روڊن تان اسان گذرياسين انهن جي پاسن ۾ ڪٿي کجي جا ننڍا وڻ ته ڪٿي مختلف ڪاروباري ۽ رهائشي خوبصورت عمارتن جون قطارون ۽ وري ڪٿي کليل علائقا نطر ٿي آيا. منجهند جو وقت هيو ۽ صحرا ۾ واقع هن عرب ملڪ ۾ گرمي ۽ سج جي تپش به ڏاڍي تيز هئي شايد ان ڪري روڊن تي گاڏين جي ٽريفڪ ۽ ماڻهن جي چرپر گهٽ پئي نظر آئي. بحرحال سجاد ڪار کي ڊوڙائيندو اسان کي دوحا اسپورٽس سٽي ۾ وٺي آيو. هن اسپورٽس سٽي کي ”ايسپائر زون“ به سڏيو وڃي ٿو جيڪا دوحا جي الريان واري علائقي ”بعيا“ ضلعي ۾آهي. سمنڊ جو ڪارنيش وارو علائقو به هن جي ڀرسان ئي آهي
دوحا اسپورٽس سٽي ۽ وليجيو مال
دوحا اسپورٽس سٽي تمام ڪشادي ايراضي تي ڦهليل هئي. سجاد ٻڌايو ته 2022ع ۾ فيفا ورلڊ ڪپ جون رانديون هتي ٿيون هيون جنهنڪري حڪومت اسپورٽس سٽي کي خوب سڌاريو ۽ سنواريو هو. سڄي دنيا مان رانديگر ۽ راندين ڏسڻ جا شوقين قطر آيا هيا جن لاءِ اسپورٽس سٽي ۾ خاصا انتطام ڪيا ويا هيا. اسپورٽس سٽي ۾ ڪشادي ميدان سان گڏ ” ايسپائر پارڪ، راندين جي سکيا جو ادارو ” ايسپائر اڪيڊمي“، خليفه انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۽ ميٽرو ٽرين اسٽيشن سميت هڪ وڏو شاپنگ سينٽر ”وليجيو مال“ ۽ ان سان گڏو گڏ هڪ تمام اوچي عمارت به آهي جنهن جي نالو ”ايسپائر ٽاور“ آهي پر اها ” ٽارچ ٽاور“ يا صرف ”دِي ٽارچ“ جي نالي سان مشهور آهي. هن ٽاور جي بناوت، ڊول ۽ شڪل ٽارچ جهڙي آهي ۽ اوچائي ٽي سئو ميٽر آهي. هن ۾ ٽيهن کان وڌيڪ فلور آهن جن تي ڪاروباري آفيسون، رهائشي گهر، هوٽل ۽ ريسٽورينٽ واقع آهن. ٽارچ ٽاور پنهنجي اوچائي جي ڪري پري پري کان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
اسان اسپورٽس سٽي ۾ پهچي ”وليجو مال“ جي پارڪنگ ۾ ڪار بيهاري هيٺ لهي ٽارچ ٽاور جي چوٽي ڏانهن نهارڻ جي ڪوشش ڪئيسين ته اسان کي پنهنجا ڪنڌ نوي ڊگري تي پوئتي ڪري اکيون ڄڻ آسمان ۾ کپائڻيون پيون، ڇاڪاڻ ته اهو تمام گهڻو اوتاهون هيو. ان وقت منجهند جو وقت هيو تنهنڪري ٽاور پنهنجي اصلي رنگ روپ ۾ نظر آيو پر رات جو ائيرپورٽ ڏانهن ويندي اسان هن جي ڀرسان واري روڊ تان گذريا هياسين ان وقت ته هن جا رنگَ روپَ ئي نرالا هيا. رات جي اونداهي ۾ ٽي سئو ميٽر اوچي ٽاور جو هر انچ رنگين روشنين سان دللڀائيندڙ نطارو پيش ڪري رهيو هيو. ٽاور جي چئني پاسن واريون شيشي جو ديوارون، انهن تي ٻرندڙ لائيٽن جي رنگي برنگي روشنين جو تاڃي پيٽو ڏاڍو خوبصورت هيو. ٽاور ۾ جڙيل اسڪرين تي ڪنهن وقت مختصر ۽ دلچسپ وڊيوز پئي هلن ته ڪيڏي مهل ان تي مختلف تصويرون، گاڏين ۽ شين جا اشتهار، سهڻا اکر، ملڪن جا جهنڊا ۽ ٻيا دلچسپ اميج پيا اڀرن جنهن سان هن جي خوبصورتي ۾ چار چنڊ پئي لڳي ويا. سجاد ٻڌايو ته هن ٽاور جي ٽاپ تي پهچي ماڻهو سڄي دوحا شهر جو نطارو به ڪري سگهي ٿو.هڪ سال اڳ اسان سريلنڪا جي گادي واري شهر ۾ به اهڙو ئي اوچو ٽاور ڏٺو هيوسين جيڪو پري کان ڪنول جي گل جيان پئي لڳو جنهن جي ڪري ان جو نالو ئي ” لَوٽس ٽاور“ رکيو ويو آهي. ساڳي طرح ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ گهمندي ڦرندي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ بلند قد وقامت وارو ٽاور ڏسڻ جو به موقعو مليو هو جنهن کي ” ڪي ايل ٽاور“ پئي سڏايون.انهن ٻنهي ٽاورن تي به ” دوحا جي ” ٽارچ ٽاور“ جيان ريسٽورينٽس ۽ ٻيا ڪاروباري شاپس آهن ۽ انهن جي بلڪل ئي مٿئين طبقي تي پهچي ماڻهو ڪولمبو شهر ۽ ڪوالا لامپور شهر جو نظارو ڪندا آهن.
بحرحال اسان وٽ وقت تمام ٿورو هيو تنهنڪري ٽارچ ٽاور ۾ مٿي وڃڻ جي بجاءِ ان جو ٻاهران ئي جائزو وٺي ٿورو اڳي وڌي ”وليجيو مال“ ۾ داخل ٿياسين. ڪار پارڪنگ کان چند قدم اڳتي وليجيو مال (Villaggio Mall) تائين پهچڻ دوران سج جي تپش اهڙا جلوا ڏيکاريا جو سنڌي محاوري وانگر ” چئي کڻي چپ ڪر“. ان تپش ۽ گرمي کان بچڻ لاءِ تڪڙا تڪڙا قدم کڻي مال جي مکيه دروازي وٽ اچي پهتاسين. اتي ٻاهر ٻه ٽي منٽ ڇانو ۾ بيهي باڊي ٽيمپرچر نارمل ڪري وليجيو مال ۾ داخل ٿياسين ته ماحول منفرد ۽ مزيدار ڏسڻ ۾ آيو. ائين لڳو ڄڻ ويليجيو ۾ شام جو پهر هجي. اتي ئي بيٺي مٿي نهاريوسين ته ڄڻ ڪڪرن سان ڀريل آسمان پئي نظر آيو ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ مينهن وسڻ وارو آهي. نطر نه ايندڙ اي سي پلانٽن مان ايندڙ هلڪي ٿڌي هوا راحت بخشي رهي هئي. مون دل ئي دل ۾ وليجيو مال جي ڊزائين ڪندڙ ۽ عمارت ٺاهيندڙ انجنيئرن ۽ ڪاريگرن کي داد ڏنو. دراصل هن جي آر سي سي ڇت کي اهڙي طرح جو رنگ ڏنو ويو هو جو اها لوهه ۽ سيمينٽ جي ڇت نه پر ڪڪرن ڀرئي خوبصورت آسمان جيان لڳي رهي هئي. هونئن ته هي شاپنگ مال هيو جنهن ۾ موجود شاپس، اسٽالن، هٽس ۽ ريسٽورينٽ تي مختلف قسمن جون شيون وڪرو ٿي رهيون هيون ۽ اهڙا شاپنگ مال اسان جي ملڪ ۾ به آهن پر جن ڳالهين هن کي منفرد بڻايو هو انهن ۾ هن جي ڪشادگي، آسمان نما ڇت، مال ۾ اندر صاف پاڻي سان ٽمٽار ڊگهي ندي ۽ هڪ بهترين ”آئس اسڪٽنگ رنڪ“ هيون.
اسان مال ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندا اچي ندي واري خوبصورت منظر تي پهتاسين. ندي جي ٻنهي پاسن کان دوڪانن جو قطارون ۽ پنڌ گهمندڙن لاءِ خوبصورت رستو هيو. ٻن هنڌن تي ندي جي مٿان پُل ٺهيل هئي جنهن تان ڪراس ڪري ماڻهو هڪ طرفان کان ٻئي طرف پئي ويا. ندي ۾وڏين چهنبن واريون ڊگهيون ۽ رنگا رنگي ٻيڙيون ”ڪنڊولا بوٽس“ ڏاڍيون خوبصورت لڳي رهيون جن کي وڏا ٽوپلا ۽ مخصوص قسم جو يونيفارم پاتل ناکئا ماڻهن کي تفريح ڪرائڻ لاءِ ڊوڙائي رهيا هيا. اهو نظارو هوبهو اٽلي جي شهر وينس ۾ نديءَ وارو لڳي رهيو هيو هو جنهن جو وڊيوز سياح سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندا رهندا آهن. ويلجيو مال واري هن ندي ۾ ڪنڊولا بوٽس ۾ ويهڻ لاءِ ٻه ويڪريون سيٽون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هيون جن تي صرف چئن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي باقي ناکئو ان تي بيٺي پنهنجي ڊيوٽي ڪري رهيو هيو. ٻيڙي ۾ سواري ڪرڻ جي ٽڪيٽ ڏهه قطري ريال هئي. اسان جي منع ڪرڻ باوجود سجاد ندي جي ڀرسان ٽڪيٽ گهر ڏانهن وڃي چار ٽڪيٽون خريد ڪري آيو جنهن کان پوءِ اسان چار ئي ڄڻا پتڻ تي بيٺل ڪنڊولا بوٽ ۾ سوار ٿياسين ته بوٽ وليجيو مال جي اندر ندي جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪيو. روشنين سان جرڪندڙ شاپس جي وچان وهندڙ نديءَ ۾ ٻيڙي تي سفر ڏاڍو مزيدار هيو. بحرحال اهو لطف وٺي ٻيڙي تان لهي مال ۾ گهمندا ڦرندا مانجهاندو ڪرڻ لاءِ اچي ان ۾ قائم ريسٽورينٽ ۾ ويٺاسين. رسٽورينٽ جي ڀرسان شيشي جي ديوار جي ٻئي پاسي هڪ شاندار ” آئس اسڪيٽنگ رنڪ“ هئي. هن جي ويڪري گرائونڊ تي ڄميل برف ڏاڍي خوبصورت پئي لڳي. اسان ريسٽورينٽ ۾ ويٺي لنچ به ڪري رهيا هياسين ته اتان ويٺي برف مٿان اسڪيٽنگ ڪندڙ ٻن غير مقامي عورتن جو برف مٿان ڊوڙ جو مظاهرو به ڏسي رهيا هياسين. انهن مان هڪ ڪجهه جهوني هئي جيڪا ٿورو هلي برف تي تِرڪِي ڪري ٿي پئي ۽ ٻي ڄڻي کيس اٿاري وري هلڻ لاءِ سندس مدد پئي ڪري. مون پنجويهه سال کن اڳ دبئي جي ديرا واري علائقي ۾ قائم حيات ريجنسي ۾ به آئيس اسڪٽنگ رنڪ ڏٺي هئي جيڪا پڻ ڏاڍي خوبصورت هئي. ڪراچي ۾ ڪارساز روڊ تي پڻ ارينا اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ اها سهوليت موجود آهي جنهن کي ” آئيس ڊيڪ“ سڏين ٿا جتي تفريح لاءِ ايندڙ شوقين آئيس اسڪيٽنگ به ڪندا آهن.
ميٽرو جون موجون ۽ سوق واقف
دوحا ۾ اسان جي تقريبن اڌ ڏينهن گذري ويو هو ۽ باقي بچيل وقت ۾ دوحا جا ڪجهه ٻيا ماڳ به ڏسڻ لاءِ موجود هيا تنهڪري وليجيومال مان نڪري ٻاهر آياسين. سجاد چيو ته هاڻي ميٽرو ٽرين ۾ سفر ڪري هتان جي هڪ تاريخي مارڪيٽ ” سوق واقف“ هلون ٿا. هن چيو ته اوڏانهن ڪار جي ذريعي به هلي سگهجي ٿو پر هتان جي ميٽرو ٽرين جو مزو وٺڻ به ضروري آهي ۽ اها اسان کي وڌيڪ سولو ۽ جلدي پهچائيندي. اسان ڪار ۾ ويهي روڊ ڪراس ڪري ڀرسان ئي اسپورٽس سٽي جي ڪشادي ميدان وٽ ميٽرو ٽرين اسٽيشن وٽ آياسين ۽ ڪار جي ٿڌي ماحول مان نڪري رڳو چند قدم کڻي انڊر گرائونڊ اسٽيش ڏانهن ويندڙ اليڪٽرڪل ڏاڪڻ (اسڪيليٽر) تائين آياسين ته هتان جي سج جي تِکَ ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. انڊر گرائونڊ اسٽيشن ۾ پهتاسين ته وڏو لطف اچي ويو. اي ٽي ايم نما مشين ۾ پئسا وجهي ٽي سفري ٽڪيٽون ڪڍي اڃا ٿورو ئي انتظار ڪيوسين ته ميٽرو جي گولڊ لائين ٽرين ڊوڙيندي اچي اسٽيشن تي پهتي. دوحا ميٽرو ريلوي سسٽم ۾ ٽرينون ٽن نالن جهڙوڪ ”ريڊ لائين“، گرين لائين“ ۽ ”گولڊ لائين“ سان مختلف ريل روٽس تي هلن ٿيون. ”سوق واقف“ واري روٽ تي هلڻ واري ٽرين ” گولڊ لائين“ جي هئي. قطري ريلوي موجب ”گولڊ لائين“ جي روٽ تي يارنهن اسيشنون آهن جن تان هرروز لکين مسافر هن ٽرين تي سفر ڪن ٿا. اسان هن ٽرين ۾ سوار ٿي مختلف اسٽيشنون ڪراس ڪندا اڌ ڪلاڪ کن ۾ اچي ”سوق واقف“ ميٽرو اسٽيشن تي پڳاسين. هي اسٽيشن به ڏاڍي خوبصورت هئي. اسان اتان هلندا اچي ”سوق واقف“ ۾ پهتاسين.
هلندڙ