گڊ گورننس لاءِ مڪاني ادارن کي مضبوط ڪريو

سنڌ جي موجوده صورتحال تي نظر وجهبي ته هڪ ڳالهه نهايت واضح ٿي سامهون اچي ٿي ته گورننس جو بحران هاڻي رڳو انتظامي نااهلي جو مسئلو نه رهيو آهي، پر اها هڪ گهري ۽ پيچيده تباهي بڻجي چڪي آهي جنهن جو اثر زندگي جي هر شعبي تي صاف نظر اچي ٿو. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کان وٺي صحت جي نظام جي زوال تائين، تعليم جي ڪاوڙجندڙ حالت کان وٺي صفائي ۽ شهرن جي بگڙجندڙ ڍانچي تائين، هر طرف نااميدي، ناانصافي ۽ لاتعلقي جو راڄ آهي. هي بحران ڪنهن هڪ ڏينهن ۾ پيدا نه ٿيو، ۽ نه ئي ان جا ڪارڻ صرف بدانتظامي تائين محدود آهن، پر هن سڄي صورتحال جي جڙ ۾ سنڌ جي وسيلن جي ورهاست، ادارن جي ڪمزوري، حڪومتي غفلت ۽ طاقت جي مرڪز جو ذميوار نظام آهي جيڪو عوام کان وڌيڪ اسٽيبلشمينٽ جي ضرورتن کي سامهون رکندو آيو آهي.

سنڌ جي ماڻهن لاءِ سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته سندن مسئلا ڄاڻايل ۽ ساڳيا آهن، پر انهن مسئلن جو حل سياست جي ترجحن ۾ شامل ئي نٿو ٿي. مثال طور سنڌ جي هر ضلعي ۾ پاڻيءَ جي فراهمي جي حالت اهڙي آهي جو اڪثر ماڻهن کي صاف پاڻي پئسن تي خريد ڪرڻو پوي ٿو، جڏهن ته سرڪاري زير زمين پاڻي جا فلٽر پلانٽ سالها سال بند پيا آهن. ڏٺو ويو آهي ته ڪيترائي فلٽر پلانٽ بغير مرمت يا فنڊز جي کوٽ ڪري مڪمل طور تي بند ٿي ويا آهن، جن کي هلائڻ لاءِ مقامي سطح تي وسيلن جي گهٽتائي وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. سوال اهو آهي ته جڏهن پاڻي جهڙي بنيادي ضرورت تي به ڪو نظام قائم نه ٿي سگهي، تڏهن ٻي سروسز جو معيار ڇا ٿيندو؟

صحت جي شعبي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته صورتحال هاڃيڪار حد تائين بگڙيل آهي. ضلعي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ، دوائن جي غير موجودگي، ايمرجنسي ۾ گهربل سهولتن جي نايابي ۽ مريضن لاءِ بيٺل ايمبولنسن جو نه هلڻ، اهي سڀ مسئلا عوام جي زندگيءَ لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويا آهن. ڪاغذن ۾ صحت لاءِ اربين روپين جا بجيٽ منظور ٿين ٿا، پر زمين تي انهن جا نتيجا نظر نٿا اچن. ان جو سبب اهو ئي آهي ته فيصلا مقامي ضرورتن بدران سياسي ترجحن جي بنياد تي ڪيا وڃن ٿا، ۽ اختيار انهن وٽ آهي جيڪي مسئلن کان پري آهن.

تعليم جي حالت به اهڙي ئي حڪايت بيان ڪري ٿي. سنڌ جا هزارين اسکول غير فعال آهن، جتي استاد ته موجود آهن پر شاگرد نه، يا شاگرد آهن پر استاد نه. ڪيترائي اسڪول اهڙا آهن جتي عمارت ئي موجود نه آهي يا عمارت تباه حال آهي. صفائي، شهرن جو ڍانچو، ٽرانسپورٽ، ڪراچي جهڙي ميگا سٽي جي مسئلن کان وٺي دادو، بدين، ٺٽي ۽ عمرڪوٽ جهڙن شهرن تائين هڪ ئي ڪهاڻي آهي. ڪچري جو ڍير گهٽجڻ بدران وڌندو وڃي ٿو. نالن جي صفائي وقت تي نه ٿيڻ ڪري برساتن ۾ شهر ٻڏي وڃن ٿا. روڊن جا کوٽا سالن سال نه ڀرجن ٿا. ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو جديد نظام هجي يا لاڙڪاڻي ۾ سڙيل اسپتالون، سڀني جي جڙ ۾ هڪ ئي مسئلو آهي: حڪمراني جو نظام عوام جي ضرورتن سان ڳنڍيل ناهي.

اسان جو وڏو مسئلو ادارن جو ڪمزور ٿي وڃڻ آهي. ادارا تڏهن ڪمزور ٿين ٿا جڏهن انهن وٽ نه وسيلن جو اختيار هجي، نه بجيٽ جو، نه فيصلا ڪرڻ جو حق، ۽ نه ئي سياسي تحفظ. جڏهن آفيسر تبادلن جي سياست ۾ ڦاٿل هجن ۽ نمائندا بغير اختيار جي هجن، تڏهن سڄو نظام رڳو ڪاغذن ۽ ميٽنگن تائين محدود ٿي وڃي ٿو. سنڌ ۾ ضلعي انتظاميا ۽ مڪاني ادارن کي جيڪو ڪم ڪرڻو آهي، اهو صوبائي سطح تي بيجا طور تي پاڻ وٽ رکيو ويو آهي، جنهن ڪري نه مرڪزي سطح تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي مقامي سطح تي.

حقيقي سوال اهو آهي ته حل ڇا آهي؟ ان جو هڪ ئي جواب آهي: اختيارن ۽ وسيلن جي مڪمل منتقلي. گورننس جي بهتري لاءِ سنڌ کي طاقتور ضلعي نظام، پاڻمرادو مالي بجيٽ، مقامي سطح جي جوابده قيادت، ۽ شفاف نگراني جي ضرورت آهي. جڏهن هر يوسي پنهنجي علائقي ۾ صفائي، پاڻي، تعليم ۽ صحت بابت فيصلا پاڻ ڪري سگهندي، تڏهن ئي ترقي ممڪن بڻبي. جتي هر ضلعي کي پنهنجو بجيٽ پنهنجي ضرورتن مطابق استعمال ڪرڻ جو اختيار ملندو، تڏهن ئي وسيلن جي منصفاڻي ورهاست کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن سڄو پيسو رڳو وڏن شهرن جي وڏن پروجيڪٽن تي ئي خرچ ٿيندو رهي، ۽ ننڍن علائقن جو حق کسي ويندو رهي، ته پوءِ گورننس جو بحران وڌندو ئي ويندو.

سنڌ جي سياست ۾ ڪيترائي مسئلا لساني، ڌرمي يا ذاتي اختلافن سبب وڌن ٿا، پر مقامي ادارا مضبوط هوندا ته اهي اختلاف پاڻمرادو گهٽجي ويندا، ڇو ته ماڻهن کي پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو. گڏيل فيصلا ڪرڻ، گڏجي ترقي آڻڻ، ۽ گڏجي ذميواري نڀائڻ هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو معاشري ۾ هم آهنگي وڌائيندو آهي.

اسان کي اهو ضرور سمجھڻو پوندو ته گورننس جو بحران ڪنهن هڪ اداري يا ڪنهن هڪ سياسي جماعت جو مسئلو نه آهي، پر سنڌ جي مستقبل جو مسئلو آهي. جيڪڏهن اڄ به اختيارن جي منتقلي ۽ ادارن جي بحالي ڏانهن قدم نه کنيو ويو، ته ايندڙ نسل وڌيڪ شديد مسئلن جو شڪار ٿيندو. سنڌ کي هاڻي وڏين تقريرن کان وڌيڪ وڏن فيصلن جي ضرورت آهي، وڏن اعلانن کان وڌيڪ ايماندار عملي قدمن جي. جيڪڏهن سنڌ کي ترقي ڏسڻي آهي، خوشحالي چاهي  ٿي، ۽ ماڻهن کي باعزت زندگي ڏيڻ چاهي ٿي، ته پوءِ مقامي ادارن کي مضبوط ڪرڻ ئي هڪڙو واحد ۽ حتمي حل آهي.  جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي سنجيدگي مان سوچڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.