ميرپورخاص(بيورورپورٽ) خانگي ليبارٽري جو ڪارنامو ڊينگي ۾ ورتل مريض کي ڊينگي کان آجو قرار دئي ڇڏيو مريضجي حالت بگڙڻ تي سول اسپتال داخل تفصيل موجب ميرپورخاص جي رهواسي رزاق لغاري کي بخار ٿيڻ ۽ شينگي جو شڪ ظاهر ٿيڻ تي نوجوان خانگي ليبارٽري مان ڊينگي جو ٽيسٽ ڪرايو ٽيسٽ جي رپورٽ ۾ کيس ڊينگي نه هجڻ جي تصديق ڪئي وئي ٽيسٽ ڪرائڻ جي ٻن ڏينهن بعد نوجوان جي طبيعت بگڙڻ تي سندس وارث کيس سول اسپتال ميرپورخاص کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن پاران ڊينگي جو شڪ ظاهر ڪندي اسپتال جي سرڪاري ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرايو ويوته کيس ڊينگي هجڻ جي تصديق ڪئي وئي ۽ سندس پليٽيليٽس گهٽ هجڻ تي کيس فوري طور سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي