27 هين ترميم سان اختيارن جو توازن خراب ، فل ڪورٽ اجلاس گهرايو:جسٽس صلاح الدين پنهور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جي بعد سپريم ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور به چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي 27 هين آئيني ترميم تي فل ڪورٽ گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. رپورٽ موجب پارليامينٽ کان 27 هين آئين ترميم جي منظوري کان پوءِ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جي بعد سپريم ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکيو آهي. خط ۾ 27 هين آئيني ترميم جي منظوري تي چيف جسٽس کان فل ڪورٽ اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. خط ۾ جسٽس صلاح الدين پنھور چيو ته هو احتجاج  طور تي نه پر پنهنجو فرض سمجهي خط لکي رهيو آهي، فل ڪورٽ ميٽنگ گهرائي آئيني ترميم جو شق وار جائزو وٺڻ جو چيو آهي. ان کانسواءِ چيو ويو آهي ته لا اينڊ جسٽس ڪميشن ۽ عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي کي به مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي، 27 هين ترميم اختيارن جي توازن کي خراب ڪري سگهي ٿي. جسٽس صلاح الدين پنھور جو چوڻ آهي ته آئين جي گهرج آهي ته سپريم ڪورٽ ان جو تحفظ ڪري، تاريخ اسان جي آسانين کي نه پر اسان جي فيصلا سازي جي همت کي ياد رکندي، عوامي اعتماد کي بچائڻ لاءِ جلد فل ڪورٽ اجلاس گهرائڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.