اسلام آباد(بيورو)پشتون خواه ميپ جي سربراهه ۽ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته هن پارليامينٽ جي مضبوطي،آئين جي بالادستي ۽ عوام جي حقن لاءِ ترميم آڻيو،اسان غيرمشروط حمايت ڪنداسين،جڏهن توهان آئين تي حملا آور ٿيندا،75 سالن جي اسان جي قربانين کي طوفانن جي حوالي ڪندا ته اسان توهان جو هٿ پڪڙينداسين،تحريڪ تحفظ پاڪستان توهان جي مقابلي ۾ بيهندي،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته گلگت کان ڪراچي تائين سمورين شاهراهن تي اسان حبيب جالب جا گيت هلائينداسين،توهان کي ڪنن ۾ ڪپهه هڻڻي پوندي،اسان ماڻهن جا ضمير جاڳائينداسين،هن چيو ته توهان کي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جو خوف آهي ته پڪ ڏياريان ٿو ته پارليامينٽ طاقت جو سرچشمو هوندي،هن ملڪ جي سموري گهرو ۽ پرڏيهي پاليسي هتي ئي ٺهندي،مادري زبانن کي احترام ڏنو ويندو،قومن کي پنهنجي وسيلن تي اختيار هوندو،پ پ،ن ليگ،ايم ڪيو ايم سڀ پارٽيون اسان کان لکرائي وٺن،هن چيو ته پاڪستان بچائڻ جو رستو مون وٽ آهي،اچو توبهه ڪريون،مان توبهه ڪريان ٿو،مان اها به خاطري ڪرايان ٿو ته عمران خان ڪنهن کي جيل ۾ نه وجهندو،ٽيون رستو پوءِ دمادم مست قلندر جو آهي،اسان هر گهٽي هر چوڪ ۾ حبيب جالب جو نظم ٻڌائينداسين،اڄ شريف الدين پيرزادي جي روح خوش هوندي،اچو پاڪستان کي جمهوري بڻايون،ايم ڊبليو ايم جي علامه راجا ناصر عباس چيو ته توهان جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين کي طاقتور ڇو نٿا بڻايو؟هتي آرمي چيف کي وڌيڪ طاقتور بڻايو ويو آهي،عدليه،پارليامينٽ سميت سمورا ادارا مفلوج بڻايا ويا آهن،هن چيو ته پاڪستان جو عوام ڏسي رهيو آهي ته پارليامينٽ ۾ اهڙا ماڻهو اچي ويا آهن جيڪي آزاد ناهن،26هين ترميم اڳ ۾ تباهي ۽ بربادي پکيڙي آهي