استعيفيٰ ڏيندڙ جج سياسي ۽ ذاتي مفادن لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم جي سياسي معاملن واري مشير سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته استعيفيٰ ڏيندڙ احترام لائق آهن،اسان جو موقف هو ته مستعيفي ججن جي سياسي ۽ ذاتي ايجنڊا هئي، اسلام آباد ۾ ڳالهيون ڪندي هن چيو ته استعيفيٰ ڏيندڙ جج پنهنجي سياسي ۽ ذاتي مفادن لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا،مستعيفي جج استعيفيٰ ۾ هڪ به شئي اها نٿا ٻڌائي سگهن ته ڪهڙي طرح 27هين ترميم آئين تي حملو آهي؟ هن چيو ته جڊيشل ڪميشن ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن جا ٻه ٻه ميمبر آهن،جڊيشل ڪميشن ۾ عدليه جا 5 سينئر ترين جج،بار۽ سول سوسائٽي جو هڪ هڪ نمائندو به شامل آهي، هن چيو ته مستعفي جج سياسي هئا،سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندو رهيو آهي ته 7 هڪ طرف ۽ 8 ٻئي پاسي آهن،اهو زيب نٿو ڏئي ته اهي ماڻهو انهن عهدن تي ويٺل هجن،آئين ۾ ترميم ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي،قانون واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته استعيفيٰ ڏيڻ ججن جو حق آهي،ترميم کي عدليه تي حملو قرار ڏيڻ غيرآئيني الزام آهي،انهن ججن جي اها ڳالهه غلط آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.