ڪراچي(پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته عدليا جي آزاديءَ لاءِ استعيفا ڏيندڙ ججن جو ڪردار ماضيءَ ۾ ساراه جوڳو رهيو آهي ۽ 27هين آئيني ترميم خلاف سپريم ڪورٽ جي ججن جسٽس منصور علي شاھ ۽ جسٽس اطهر من الله جيڪا استعيفا ڏني آهي اهو سندن جرئت مندي وارو قدم آهي سندس ماضي ۾ سندن ڪردار ساراه رهيو آهي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته 27هين ترميم نه رڳو ملڪ جي عدالتي نظام پر گڏوگڏ پوري آئيني ڍانچي کي ڀڃي ڀورا ڪرڻ وارو فيصلو آهي جنهن ۾ فوجي سربراهن ۽ صدر پاڪستان کي مستثنيٰ قرار ڏيڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي تاريخي وحدتن ۽ انساني حقن جي لتاڙ، فيڊريش ۾ موجود يونٽس سان ناانصافي ۽ آئين جي سنگين ۽ بدترين ڀڃڪڙي آهي سيد زين شاھ چيو ته موجوده 27هين آئيني ترميم ۾ جوڊيشري کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ايماندارانا جرئت مند فيصلا ڪندڙ جج صاحبن کي حراس ڪرڻ، انهن جي ترقي ۽ بدليون ميرٽ تي نه ڪرڻ اهي سمورا جيڪي به معاملا آهن جن ۾ انصاف جو قتل ٿيندو.