فلور ڪراسنگ جو دفاع نٿو ڪري سگهجي:ايمل ولي

اسلام آباد(بيورو)اي اين پي جي سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته فلور ڪراسنگ نه ڪاله دفاع ڪرڻ جهڙي هئي نه اڄ آهي،لوٽن جي ڳالهه اهي پيا ڪن جيڪي پاڻ لوٽا آهن،سينيٽ ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته ترميم ۾ ٻين پارٽين جي ميمبرن پاران ووٽ ڏيڻ واري قدم کي تسليم ڪريو،چوڌري شجاعت چوندو هو ته ”مٽي پائو“اڄ  سوراخن سان ڀريل ماڻهو اسان ڏانهن اشارو پيا ڪن ته هتي ٻه سوراخ آهن،ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته سيف الله ابڙو ۽ احمد علي خان پنهنجي ضمير مطابق ووٽ ڏنا آهن،اسان کي انهن جي ان عمل تي ناڪاري تبصرا نه ڪرڻ گهرجن،جي يو آءِ جي ڪامران مرتضيٰ چيو ته جنهن ڳالهه جي بار بار وضاحت اچي ته پوءِ شڪ شبها وڌن ٿا،ميمبرن جي فلورڪراسنگ کي ڊفيڪشن چئبو آهي،ڏک آهي ته حڪومت ان ضميرفروشي جو دفاع ڪري رهي آهي،الله ڪري ته اهو وقت توهان سڀني تي اچي،اهو وقت توهان سڀني تي ايندو،هن چيو ته هي وڊيو ڪلپ ماڻهو رڪارڊ ڪري مستقبل ۾ توهان کان سوال ڪندا ته ان وقت توهان اها رولنگ ڏني هئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.