اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر،وزيراعظم جي مشوري تي وفاقي آئيني عدالت جو سربراهه جسٽس امين الدين کي مقرر ڪيو آهي. نوٽيفيڪيشن جاري ٿي ويو جسٽس امين الدين آئيني بينچ جو سربراهه ۽ هن مهيني جي آخر ۾ رٽائر ٿيندو. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي طرفان جسٽس امين الدين جي اعزاز ۾ کاڌي جو بندوبست ڪيو ويو آهي. جسٽس امين الدين جي اعزاز ۾ سانجهاندو اڄ چيف جسٽس هائوس ۾ ٿيندو. ذريعن مطابق سپريم ڪورٽ جي ججن کي به سانجهاندي ۾ گهرايو ويو آهي. جسٽس امين الدين 30 نومبر تي پنهنجي عهدو تان ريٽائر ٿيندو.