ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ سرڪار جا ترقياتي منصوبا صوبي جي معيشت ۽ عوام جي زندگين ۾ واضح بھتري جو ڪارڻ بڻجي رھيا آھن، ڪوسٽل ھاءِ وي، روھڙي گڊو بئراج روڊ، مھراڻ ھاءِ وي، ٽنڊو الھيار کان ٽنڊو آدم روڊ، سانگھڙ کان روھڙي شاھراھھ اھميت وارا منصوبا آھن، ھاءِ وي ۽ روڊن جا منصوبا علائقائي ۽ بين الصوبائي رابطن کي مضبوط بڻائيندا، واپار، زراعت ۽ صنعتي شعبن کي بھ ھٿي ملندي. ھڪ بيان ۾ هن چيو ته تھ سانگھڙ، ٽنڊو الھيار، نوابشاھھ ۽ ٻين علائقن ۾ جاري منصوبا ٻھراڙي جي معيشت کي فعال ڪرڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ واري پاليسي جو حصو آھن، سنڌ سرڪار جي اوليت ترقي جي عمل ۾ شفافيت، رفتار ۽ عوامي فائدي کي يقيني بڻائڻ آھي.