ججن جي حمايت ڪريون ٿا: اسد قيصر

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عدالتن کي حڪومت پاران فارغ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اڄ 2 وڳي اسان جي الائنس جي گڏجاڻي آهي، جتي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. اسد قيصر استعيفيٰ ڏيندڙ ججن جي مڪمل حمايت ڪندي چيو ته انهن ججن جيڪا بهادري ڏيکاري آهي، ان کي ساراهڻ گهرجي، ۽ اسان ان موقف کي مڪمل طور تي حمايت ڪريون ٿا.  هن وڌيڪ چيو ته ان صورتحال ۾ وڪيلن ۽ سڄي ملڪ کي انهن ججن سان گڏ بيهڻ گهرجي، جيڪي انصاف جي حڪمراني ۽ آئيني بالادستي جي تحفظ لاءِ پنهنجي آفيسز کان استعيفائون ڏنيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.