ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)ججن جي استعيفائن تي سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي پيو آهي،سينئر صحافي عمر چيما ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله عدليه جا حقيقي اثاثا هئا، پر جيڪڏهن انهن ٻين ججن کي “ٺيڪ ڪرڻ” بدران عدليه جي اندر احتسابي نظام تي ڌيان ڏنو هجي ها ته شايد اڄوڪو ڏينهن نه ڏسڻو پوي ها۔جيڪڏهن خود احتسابي عوامي يا پاپولر عمل هجي ها ته پوءِ ميڊيا به شايد پاڻ تي تنقيد ڪرڻ، پنهنجا عيب ڏسڻ ۽ پاڻ کي درست ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ها۔سياستدان مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جي استعيفيٰ جو فيصلو هڪ دليرانه ۽ اميدافزا قدم قرار ڏنو پيو وڃي۔ اهڙي دور ۾، جتي ضمير وڪامڻ عام ٿي ويا آهن، جتي آزاديءَ بدران غلاميءَ جا طوق فخر سان پاتل آهن، اتي انهن ٻنهي ججن جو آئين ۽ اصولن جي خاطر عهدي ۽ مراعتن کي رد ڪرڻ يقيناً تازگيءَ جي هوا جو جھوڪو آهي۔ ،ميان دائود لکيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن جسٽس سيد منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله پنهنجن عهدن تان استعيفا ڏئي ڇڏيا آهن۔ عدالتي ذريعن موجب، لاهور هاءِ ڪورٽ مان به 6 ججن جي امڪاني استعيفائن جون ڳالهيون هلن پيون، هي صورتحال ملڪ ۾ عدليه جي اندر هڪ نئين وڪيل تحريڪ جي شروعات بڻجي سگهي ٿي، بهرحال، اها تحريڪ ڪامياب ٿيندي يا نه؟ان جو فيصلو وقت ۽ سياسي حالتون ئي ڪندا۔اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پاڻ سان انصاف نه ڪندڙ قوم جي تقدير ئي محڪومي ۽ مظلومي آهي، شڪريو جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله ، توهان گهٽ ۾ گهٽ استعيفيٰ ڏئي اهو ته ڏيکاري ڇڏيو ته انصاف جو جنازو ڪيئن نڪرندو آهي، نه ته هتي ته انصاف جو ڪفن ۽ دفن به خفيه طريقي سان ٿيندو آهي،صحافي انصار عباسي لکيو ته چيف جسٽس يحييٰ آفريدي کي اپيل ڪريون ٿا ته هو پنهنجو سمورو ڌيان عام شهري کي جلد ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ تي مرڪوز ڪن، جيئن ملڪ ۾ عدليه تي عوام جو اعتماد ٻيهر بحال ٿي سگهي،صحافي اسد علي طور چيو ته يحيٰ آفريدي پنهنجو نالو بچائي ڇڏيو پر سپريم ڪورٽ کي رڳڙي ڇڏيو،ان ڪري ججن ۾ گهڻي ڪاوڙ آهي،اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته وڏن عهدن تان اصول جي بنياد تي استعيفيٰ ڏيڻ هر هڪ جي وس جي ڳالهه ناهي،جسٽس منصور علي شاهه ۽جسٽس اطهر من الله کي سلام،جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله چيو ته 27هين ترميم جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جي استعيفيٰ سان عدليه مضبوط ٿيندي؟جيڪڏهن جواب نفي ۾ آهي ته مطلب ترميم سان عدليه جي آزادي سلب ٿيندي،عدليه حڪومت جي تابع ٿي وئي